نوابشاھ(ڊ ر) گرينڊ ھيلٿ الائينس يونٽ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ پاران رسڪ الائونس نه ملڻ، سروس اسٽريڪچر بحال نه ڪرڻ ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف اسپتال جي احاطي اندر ريلي ڪڍي ايم ايس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي در محمد بھراڻي رفيق ڪلوئي حيدر لاکو ۽ ٻين چيو ته اسان جا جائز مسئلا آھن جن کي حل نه ٿو ڪيو وڃي ھنن چيو ته اسان جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ڪراچي پريس ڪلب ۽ وزير اعلي ھائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ٻيھر تحريڪ شروع ڪئي ويندي
