نون صوبن بابت ٺاھيل ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا:ثمر حيدر جتوئي

مقصودو رند (ن س) سنڌ کي ڪنھن به صورت ورھائڻ نه ڏينداسين، نون صوبن بابت ٺاھيل ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا ۽ نئين آدمشماري ۾ بنا شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ وارو عمل سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل جي سازش آهي سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي سنڌ کي ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جدوجھد ڪنداسين اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي نيشنل پريس ڪلب مقصودو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پنھجي نااھلي لڪائڻ لاءِ ڪونہ ڪو اشو ڇڏي ٿي سنڌ سرڪار اقتدار خاطر ھڪڙي پاسي سنڌ جون زمينون، وسيلا وفاق کي وڪڻي ڇڏيون آهن وري بحريه ٽائون جي اڏڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ کي ورھائڻ لاءِ خورشيد شاھ کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي تاريخ شاهد آ جيڪو به سنڌ خلاف سازش جو حصو ٿيو اهو سنڌ جي تاريخ جي نقشي تان ئي ختم ٿي ويو آهي هن چيو ته ڪنهن هڪ مخصوص ٽولي کي خوش ڪرڻ لاء وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ ۽ آدمشماري ۾ غير آئيني نقطا رکي سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي ڪامياب ڪرڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙي آدمشماري قبول نه ڪنداسين جنهن ۾ سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو وڃي اسان سنڌ جي وحدانيت تي ڪوبه وار برداشت نه ڪنداسين ٻي پاسي وري وسيلن سان مالا مال سنڌ جي غريب مسڪين عوام تي پ.پ سرڪار ظلم جا جبل ڪيرايا آھن سنڌ ۾ ٻين صوبن کان مھانگائي عروج تي آهي سنڌ جا ماڻھو فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ۽ خودڪشيون ڪري رهيا آهن پر سنڌ ھاري ڪاميٽي خاموش نه ويهندي ۽ غريب مسڪين عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ سندن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جاري رھندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں