ٽنڊوآدم ( ن س ) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ٽنڊوآدم پاران گذريل ڏينهن فلور ملز جو دورو ڪرڻ بعد فلور ملز انتظاميه باضابطه طور عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نگراني ريونيو ۽ خوراڪ کاتي جا عملدار ڪري رهيا آهن. عوام کي سرڪاري اگھ تي اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق گاد جي هدايتن تي DM فلور ملز، فيصل فلور ملز، شاہ فلور ملز ۽ بابا منا فلور ملز ملز جي جدا جدا گيٽن تي 1000 ٿيلھيون 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان فراهم ڪري رهيون آهن اسٽنٽ ڪمشنر عمران نظير شيخ موجب سستو اٽو عوام تائين پهچائڻ اسان جي اولين ترجيح آھي سانگھڙ ضلعو زرخيز ضلعو آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي ٿو، ايندڙ مهيني نئين فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويندي جنهن سان اٽي جي اگھ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف مختيارڪار رحم علي زرداري چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد جي هدايتن تي عمل ڪندي عوام کي سستي اگھ تي اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف هنڌن تي ۽ فلور ملز جي گيٽن تي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن جنهن تي اٽو وافر مقدار ۾ موجود آھي عوام کي اٽو فراهم ڪرڻ لا۽ فنگر مارڪ ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد پنهنجي آفيس ۾ هڪ هنگامي گڏجاڻي طلب ڪري سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، بيورو آف سپلائي ۽ پرائس ڪنٽرول کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ذخيره اندوزي ڪندڙ ۽ وڌيڪ اگھ وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف قدم کٹنّ. ته جئين عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري سگهجي.
