پنجاب اسيمبلي ۾ ڊرامائي صورتحال، اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ اوچتو اجلاس طلب، هنگامو

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان وڏي وزير پرويز الاهي کي اڄ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت بعد رات جو دير سان اوچتو پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪمران ڌر دعوى ڪئي ته اسان وٽ نمبر پورا آهن ، اڄ ئي اعتماد جو ووٽ وٺنداسين ان صورتحال بعد پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو مخالف ڌر جو موقف هيو ته هي زبردستي صورتحال تبديل ڪرڻ گهرن ٿا، اجلاس ۾ مخالف ڌر سخت هنگامو ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري ورتو. اجلاس رات دير تائين جاري هيو، حڪمران ڌر جي ڪوشش آهي ته هلندڙ رات ئي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو وڃي. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي وڏ وزارت تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ کيس هٽائڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف منع نامي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گورنر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت 17 ڏينهن جو وقت ڏنو هو پر وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو. بئنچ جي سربراهه جسٽس عابد عزيز شيخ چيو آخر ۾ ته وڏي وزير جو فيصلو ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي، عدالت اعتماد جي ووٽ لاءِ مناسب وقت ڏئي سگهي ٿي. پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته هو ان قانوني نڪتي تي دليل ڏيندو، جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته وڏي وزير وٽ 24 ڪلاڪن 186 ميمبرن جي حمايت هجڻ گهرجي. اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته وڏي وزير جو گورنر جي چوڻ تي ووٽ وٺڻ ضروري آهي، جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته ڪا ڌر نمبرن کي هٿ لڳائڻ لاءِ تيار ناهي، سڀ سوچي رهيا آهن ته اڳ ۾ جيڪو ڪندو اهو ئي ڀريندو. اٽارني جنرل چيو پرويز الاهي مناسب وقت جو نڪتو اٿاريو پر هاڻ معاملو مناسب وقت کان ٻاهر اچي چڪو آهي، اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان وڏي وزير کي ڪنهن نه روڪيو هو. جسٽس عابد عزيز شيخ چيو جيڪڏهن اتفاق راءِ ناهي ته عدالت ان جو ميرٽ تي فيصلو ڪندي، ان تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته وڏي وزير ۽ ڪابينا کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ٿيو ته بي اعتمادي به واپس وٺي هڪ سياسي گيم کيڏي وئي، گورنر اعتماد جي ووٽ جو چئي سگهي ٿو پر اجلاس جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار اسپيڪر کي آهي، اسپيڪر اڳ کان اجلاس ڪري رهيو آهي، اسپيڪر جي اجلاس نه گهرائڻ تي وڏي وزير کي سزا نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته آئين تحت گورنر ۽ اسپيڪر اڻ ڌريا هوندا آهن پر هتي گورنر ۽ اسپيڪر جماعتن جا ترجمان بڻيل آهن، جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته اسپيڪر الڳ تاريخ ڏئي سگهي ٿو. بئريسٽر علي ظفر چيو ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪا ڏکيائين ناهي پر ڳالهه اصول جي آهي. عدالت وقت ختم ٿيڻ تي ٻڌڻي خميس 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ منع نامي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، پرويز الاهي جو وڪيل علي ظفر 12 جنوري تي دليل جاري رکندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں