ڪنري (رپورٽ: پرتابراءِ مڪواڻا) ڪنري تعلقي ۾ ڪڻڪ جي اٽي سميت ٻين شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ناهي اچي سگھي، جڏھن ته انتظاميا طرفان قائم ڪيل سستي اٽي جو اسٽال به عوام کي ڪو فائدو ناهي ڏئي سگھيو. شھر جي مين ٻسٽان روڊ تي قائم سستي اٽي جو اسٽال بند ٿيڻ خلاف سوين عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون. احتجاج دوران مڇريل عورتن پاران اسٽال جي دڪان کي ڏنڊن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ کي روڪينديون رھيون. ٻئي پاسي جماعت اسلامي طرفان عيد گاھ روڊ کان مک آمريڪن چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي سبب ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي وارو صورتحال رھيو پر انتظاميا نظر نه آئي. مظاھري جي اڳواڻ عورتن ۽ مردن مسمات حاجران، سميعا، فرح بيبي، سويرا، امامت، حيدر علي، خالد جان، فاطمه ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته اٽي جو اگھ 170 روپيا ڪلو ٿي ويو آھي، غريب ماڻھو تمام سخت پريشان آھي، انتظاميا اگھور ننڊ ستل آھي، ھنن چيو ته سستي اٽي جي اسٽال جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، اسٽال تي ڪجھ ڪلو اٽو ڏيڻ بدران اسٽال کي بند ڪيو ٿو وڃي، چڪي مالڪن جون من مستيون عروج تي پھتل آھن، چڪين کي ڪوٽا ملڻ باوجود عوام کي اٽو نٿو ڏنو وڃي ۽ اٽو عام دڪاندارن کي مھانگي اگھ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته اٽي سميت ٻين شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪري چڪي مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي ريليف فراھم ڪيو وڃي. ان موقعي ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو سستي اٽي جي اسٽال اڳيان لڳل ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري اسٽال کولرائي ٻن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.
