ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻن سڳن ڀائرن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:عاشق علي) ڪوٽ غلام محمد لنجواڻي برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاج ڪيو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ٽي مهينا اڳ امام واہ موڙ تي ٻن سڳن ڀائرن محمد اسلم لنجواڻي ۽ خان محمد لنجواڻي کي سري عام قتل ڪيو ويو جنھن جا مک جوابدار مصري مري ولد شاڪر مري، نبي بخش مري گرفتار نه ڪرڻ تي ڪوٽ غلام محمد انٽري گيٽ تي پوليس خلاف احتجاج فوتي جي وارثن، نظر محمد لنجواڻي، ھدايت الله لنجواڻي ۽ محمد صديق لنجواڻي جي اڳواڻي ۾ميرپورخاص ڪنري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته اسان مطالبو ڪريون ٿا نااھل ايس ايچ او کي هٽايو وڃي اسلم لنجواڻي خان محمد لنجواڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيا وڃن جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه صدر حاجي محمد رفيق ڀرڳڙي نديم ساگر ڀرڳڙي. ڪامريڊ جميل ڌونڪائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن ته ڊي ايس پي ڊگھڙي مير آفتاب ٽالپر احتجاج ۾ پھچي وارثن کان ڳالهائيندي چيوته اسان کي 15ڏينھن جو ٽائم ڏنو وڃي قاتلن کي جلد گرفتار ڪنداسين اگر قاتل گرفتار نه ٿيا ته ايس ايڇ او ڪوٽ غلام محمد کي هٽايو ويندو اھڙي يقين ڌياني کان پوءِ احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں