آزدي صحافت جي تحريڪ واحد جدوجهد هئي، جنهن اڳيان جنرل ضياءِ الحق کي جهڪڻو پيو: مسعود قمر

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ ميٽ دي آٿر ۾ سوئيدن کان آيل لئل پور ڄائو دانشور، صحافي، کاٻي ڌر جي اڳواڻ شاعر مسعود قمر سان رهاڻ رچائي وئي. تقريب جي ماڊيٽر امر سنڌو هئي. شاعر. صحافي مسعود قمر ڳالهائيندي چيو ته  منهنجو لکڻ جدوجهد ڪرڻ آهي. هن چيو ته منهنجو سنڌ سان تعلقات پراڻو آهي. آئون سنڌ ۾ گرفتاري ڏيڻ آيو هئس. مون پنجاب جي شهر لائل پور ۾ جنم ورتو. شهيد نظير عباسي ۽ ٻيا کاٻي ڌر جا اڳواڻ دوست هئا. هن چيو ته منهنجو پيءِ جو انڊيا ڪميونسٽ پارٽي سان تعلق هو. والد مان ئي ادب مليو. سياسي قصا ٻڌي ۽ ملڪ جا حالات ڏسي هتي اچي ويس. هن چيو ته گهڻا ماڻهو ناول پڙهي سياست ۾ اچن ٿا. منهنجي حصي ۾ ادب آيو. هن چيو ته جڏهن اوهان ڄاڻي وٺو ته اوهان ڇا آهيو ته اتان ئي زندگي شروع ٿيندي آهي. جنهن کي زندگي جي خبر ناهي اهو موت کڻي گڏ گهمندو آهي. هن چيو ته ضياءِ الحق بدنما طريقي سان آيو. ضياءِ روشن خيالي خلاف هو. هن چيو ته صحافت جي تحريڪ لاهور مان هلي. ان وقت صحافي ئي گرفتاري ڏيندا هئا. صحافي عوام کي شامل نه پيا ڪن. ڪراچي ۾ صحافت جي جدوجهد ۾ شاگرد، هاري مزدور به شامل ٿيا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ بک هڙتال ڪئي. اتي صوبي بدر لاءِ به چيو ويو. ان وقت 4 ڄڻن ريگل چوڪ تي گرفتاري ڏني. عدالت ۾ مارڻ شروع ڪيو ويندو هو. جيلن ۾ سختي هئي. آزدي صحافت تحريڪ واحد تحريڪ هئي جنهن جي اڳيان ضياءِ الحق کي جهڪڻو پيو. هن چيو ته جيل ۾ اخر ۾ مونکي ڇڏيو ويو. ان وقت درزي جي دڪان تي به ڪم ڪرڻ نه ڏيندا هئا. معافي نامي تي ڪڏهن به صحيح نه ڪئي. نظريات تان اڄ به هٿ نه کنيو آهي. ڪنهن به نظم کي غير سياسي ۽ غير رومانوي نٿو سمجهان. هن چيو ته منهنجو نظريات سان عشق آهي. هن چيو ته غزل سان ماڻهو ۽ حالات سان تعلق نه هوندو آهي. جيڪو پڙهان ٿو اهو لکان ٿو. دوستووسڪي کان متاثر ٿي پو  لکيو آهي. هن چيو ته مطالعي سان نظمن ۾ تبديلي آندي آهي. هڪ موت جو هجڻ به نئين زندگي جو جنم هوندو آهي. هن چيو ته اڳ ۾ مشاعرا بزم ادب جون تقريبون ٿينديون هيون. اهي هاڻ ختم ٿي ويون. هن چيو ته هتي مرد ۽ عورت گڏ هوندي به گڏ ناهن. اها دوري پوري دنيا ۾ ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ٻئي کي محبت ڏيڻ کان پهرين پاڻ کي سمجهون. هن چيو ته سمنڊ کي ماڻهو رڳو پاڻي ٿا ڏسن. اسان به اهو ڏسو ته پوءِ فرق ڪهڙو ٿيو. ان ڪري نظمن ۾ فرق رکيو آهي. لفظن کي روائتي نه ورتو آهي. لکندڙ ماڻهو مٿي اچڻ چاهين ٿا پر مسئلا گهڻا آهن. ڪاغذ سستو هجي ته هر ماڻهو ڪتاب ڇپرائي. هن چيو ته غزل لکڻ لاءِ عقل جو هجڻ ضروري آهي. غزل  ۽ نظم جا پنهنجا مضمون آهن. اڄ اهي غزل نه پيا لکجن. نثري نظم لکڻ وارن کي پهرين مطالعو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئون ان قبر موت کي ائين نٿو ڏسان. جنهن لاءِ ڊڄاريو وڃي ٿو. غزل فيوڊل ڪلاس جي صنف آهي. نظم انڊسٽريل دور جي بدولت آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 1970 تائين پاڪستان ۾ ترقي پسند ماڻهو نظر اچن ٿا. ان وقت بزنجو جا 2 ماڻهو به پاور ۾  هوندا هئا. ان کانپوءِ اڄ ٻيا ماڻهو آهن. هاڻ وقت گهٽ آهي. هاڻ ترقي پسند ماڻهن کي ڪٿي ويهڻ به نه ڏيندو. انڪري اختلاف ختم ڪري ڪجهه سوچيو.ھن چيو ته هوٽل اڳ ۾ وڏيون درسگاهون هيون. اتان ئي نوان ماڻهو نظر ايندا هئا. هاڻ ڪٿي به اهي ٿاڪ نظر نٿا اچن. هاڻ يومه مئي به ڪنهن مذهبي تهوار وانگر ملهايو ويندو آهي. ان کي تبديل ڪرڻو پوندو. هاڻ به اسٽيڊي سرڪل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته اسان جي دور ۾ نظير عباسي کي ٽارچر سيل ۾ ماريو ويو. مشرف جي دور ۾ ماڻهن کي کنڀي مارڻ شروع ڪيو ويو. لاش گندن نالن مان ملڻ شروع ٿيا. هن چيو هندو. عيسائي جي مارجڻ تي افسوس ڪيون ٿا پر احمدين لاءِ خاموش آهيون. ھن چيو ته اڳ ۾صحافين جو تعلق ادب  سان ھوندو ھو 60 جي دور تائين صحافين جو تعلق ادب سان رھيو پر ھاڻ جنهن جو سوٽ ٽائي سٺو ان کي اينڪر ٺاھيو وڃي ٿو. اڳ ۾ صحافين جو ادب سان تعلق ھوندو ھو. ان موقعي تي هن پنهنجا نظم پڙهي ٻڌايا. امر سنڌو چيو ته مسعود قمر ضياءِ جي دور ۾ صحافت کي زنده رکيو. هو فيصل آباد ۽ لانڊهي جيل ۾ رهيو. هو ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ٿيو.  سميرا قريشي چيو ته مسعود قمر هڪ شاعر سان گڏ سخيتون برداشت ڪندڙ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ به آهي.  هو شڪن روايت شاعر اهي. مارڪسي دانشور به آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں