شاهدراڄپر
تازي صورتحال ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آھي ۽ اٽي جي بحران سبب مڊل طبقو ته متاثر ٿي رهيو آھي پر انتهائي غريب عوام ۽ محنت ڪش طبقي جو معاشي قتل ٿي رهيو آھي جنهن جا ذميوار رڳو حڪمران نه پر اسان جا چونڊيل نمائنده ۽ اسان خود عوام آھيون جو هر مسئلي تي خاموشي اختيار ڪريون ويٺا آھيون ۽ چور رڳو حڪمران نه پر اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائنده ايم پي ايز ، ايم اين ايز ، ڪائونسلر، چيئرمين به آھن، اهي ايم پي ايز ، ايم اين ايز ، ڪائونسلر ۽ چيئرمين جيڪي اهو چئي ووٽ وٺندا آھن ته اسان اوهان جي ڏک سک جا ساٿي آھيون اوهان جو هر جائز مسئلو حل ڪنداسين ۽ جڏهن مسئلا ٿين ٿا ته ڪوبه چونڊيل نمائندو ظاهر ٿيڻ لاء تيار ئي نه هجي ٿو مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آھن، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سرڪاري گدامن ۾ هزارين ٽن ڪڻڪ زخيرو ٿيل آھي ۽ واپارين وٽ پڻ ڪڻڪ زخيرو ٿيل آھي جنهن باوجود اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي جيڪو سنڌ جي عوام سان سراسر ظلم آھي ھزارين مڻ ڪڻڪ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ واقع سرڪاري گدامن ۾ سڙي ۽ ڳري رھي آھي جنھن کي نه رڳو اوڏھي کائيندي پئي وڃي پر فوڊ ڊپارٽمينٽ جو راشي ۽ بي ايمان عملو پڻ هٿ صاف ڪرڻ ۾ رڌل آھن ٻورين مان اڌ ان ڪڍي اُن ۾ مٽي ملائي وزن برابر ڪري رکيو ٿو وڃي ۽ اهو عوام تائين جڏهن پهچي ٿو ته ان ملاوٽي اٽي جي قيمت ڦل قيمت جي صورت ۾ ورتي وڃي ٿي ۽ ڏٺو وڃي ته ڦل قيمت ۾ به سنڌ واسين کي ملاوٽي اٽو مهيا ڪيو پيو وڃي ۽ اٽي جي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ اگھ عوام مان ريهون ڪڍي ڇڏيون آھن، هونء ئي سنڌ واسي لٽي ۽ اجهي لاء پريشان هئا هاڻي ته ھر فرد اٽي لاءِ پريشانِ آھي ۽ متيون منجهائي ويٺو آھي، تازي صورتحال ۾ غريب عوام لاء ھڪ ويلو کائڻ به وڏو ويل بڻجي ويو آھي ۽ غريبن جي زندگي اجيرڻ بڻجي وئي آھي ڄڻ جيئڻ لاءِ عوام کي اڳتي اڃان به ڀاري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اٽو خريدڻ به ھاڻي غريب غربي جي پنهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي ڇا سنڌ جي عوام کي اهي ڏينهن به ڏسڻا هئا ته پنھنجي ٻچڙن کي پيٽ بکايل ڏسي اهو ته سنڌ جي عوام لاءِ دردناڪ الميو آھي ته جيئن اڳيان باھ ۽ پٺيان پاڻي ۽ وچ ۾ مھانگائي جو طوفان، لڳي ائين رهيو آھي ته هيئر سنڌ جو بي يارو مددگار بڻيل عوام اڃان به ڪنهن مسيحه جو منتظر آھي جيڪو جيئڻ ته چاھي ٿو پر جيء به نٿو سگهي احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪري نه ٿو سگهي سرمائيدار طبقي ۽ منافعي خور مافيا ۽ نااهل حڪمرانن ايترو ته عوام کي بيوس ۽ محدود ڪري ڇڏيو آھي جو عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسندو پيو وڃي زندگي جا سڀ حسين نظاره، ڪشاده رستا سوڙھا ۽ تنگ ڪري ڇڏيا آھن وڌندڙ مهانگائي سبب اٽي سميت ٻيون روز مرھ استعمال هيٺ ايندڙ شيون وٺڻ وس کان کان نڪرنديون پيون وڃن وڌندڙ مهانگائي سبب سنڌ اندر اڻوڻندڙ واقعن اگر ڪر کنيون ته سنڌ هڪ صدي اڃا پوئتي رهجي ويندي ۽ خوشحال سنڌ وارو اسان جو خواب خواب ئي رهجي ويندو، وڏن کان هڪ ڳالھ ٻڌندو هئس پر سمجھ ۾ ڪانه ايندي هئي چوندا هئا ته ڪنهن رياست ۾ هڪ بادشاھ هو جنهن کي پنهنجي رعايه سان بي حد پيار ۽ ان تي فخر هوندو هئس هڪ ڏينهن هڪ لعنتي ۽ ڏاهي وزير کيس صلاح ڏني ته بادشاھ سلامت پاڻ جيڪا عوام جي سهولت لاء پاڙي واري شھر کي ملائڻ لاء پل تيار ڪرائي آھي اتان وڏي اچ وڃ آھي ۽ وپارين جي آمددرفت جو مرڪز بڻجي وئي آھي جنهن تي اگر اوهان اجازت ڏيو ته هڪ آنو لگام (ٽئڪس) وصول ڪيون جنهن سان شاهي خزاني کي فائدو رسندو جنهن تي بادشاھ سلامت ناراض ٿيو ته نه نه اهو رعايه سان ظلم هوندو ۽ عوام رستن تي نڪري ايندو ۽ احتجاج ڪندو، جنهن تي وزير وراڻيون ته بادشاھ سلامت اگر عوام احتجاج ڪيو ته اوهان عوام جو مطالبو تسليم ڪري ٽئڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏجو جنهن سان عوام جي دلين ۾ اوهان لاء محبت ۽ عزت اڃا وڌيڪ ٿيندو ته بادشاھ سلامت کي پنهنجي رعايه سان پيار آھي جنهن سبب ان لگام واپس وٺي ڇڏيو بادشاھ سلامت کي صلاح وڻي ۽ ان ٽئڪس هڪ آنو مقرر ڪري ڇڏيو هڪ هفتي بعد جڏهن بادشاھ سلامت درٻار ۾ آيو ڏاڍو خوش ھو وزير کي چيائين منهنجي قوم سجاڳ آھي ڏسجانءَ اڄ ٽئيڪس ختم ڪرائڻ لاءِ هجوم هوندا، وزير بادشاھ سلامت کي وراڻيو بادشاھ سلامت اهڙي ڪا ڳالھ ناهي ڪير ڪونه آيو آ جنهن تي بادشاھ سلامت خاموش ٿي ويو ڪجھ دير کان پوءِ وزير چيو بادشاھ سلامت هڪ آنو ٽيڪس تي ڪير ڪونه آواز اٿارڻ آيو آيو هاڻي اجازت ڏيو ته ٽيڪس جي قمت وڌائي ٻه آنا ڪريون جنهن تي بادشاھ سلامت وراڻيون نه نه اها زيدتي آھي عوام جو غصو قابو نه ڪري سگهنداسين جنهن تي وزير چيو سائين اگر عوام آيو ته اوهان هڪ آنو ٽئڪس معاف ڪري ڇڏجو جنهن سان عوام تي ٿورو به ٿيندو ۽ شاهي خزاني کي نقصان به نه ٿيندو ۽ اهڙي طرح ٽئڪس وڌندو وڃي چند ڏينهن ۾ ئي هڪ روپئي تي پهتو پر عوام بادشاھ سلامت وٽ احتجاج ڪرڻ نه پهتو جنهن کان پوءِ وزير بادشاھ سلامت کي چيو ته پل تان گذرندڙ هر شخص کي هڪ روپيو ٽيڪس وٺي هڪ جوتو هنيون وڃي جنهن تي بادشاھ سلامت چيو نه هرگز نه ائين ڪرڻ سان خون خرابو ٿيندو ۽ سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويندو وزير پنهنجي دانائي سان چيو ته بادشاھ سلامت عوام احتجاج ڪري ايندو ته اونهانڏي ئي پوء هڪ جوتو ۽ ڪجھ ٽئڪس معاف ڪري ڇڏجو اوهانجو اقبال اڃان بلند ٿيندو ۽ بادشاھ سلامت فرمان جاري ڪيو جنهن کان پوء هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ روپيو وٺي هڪ جوتو هنيون وڃڻ شروع ڪيو ويو ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوء درٻار لڳي بادشاھ سلامت ڏاڍو خوش هو ته عوام احتجاج ڪيا هوندا منهنجي قوم سجاڳ قوم آ اچڻ سان وزير کان پڇيائين جنهن تي وزير چيو سائين ڪير ڪونه آيو آھي جنهن تي بادشاھ سلامت غمگين ٿيو وري وزير بادشاھ سلامت کي عرض ڪيو ته بادشاھ سلامت جوتن جو تعداد وڌائي ٻه ڪيا وڃن جنهن تي بادشاھ انڪار ڪندي وراڻيو اهو ناممڪن آھي اهو عمل ڪرڻ سان حالات بگڙجي ويندي جنهن تي وزير وراڻيو ته بادشاھ سلامت اوهان پوء جوتا هڻڻ وارو عمل بند ڪرائي ڇڏجو ۽ ٽئڪس ۾ به رعايت ڏجو عوام خوش ٿي ويندي جنهن تي بادشاھ سلامت فرمان جاري ڪيو ۽ ايندڙ ويندڙن کان هڪ روپيو ٽئڪس وصول ۽ ٻه جوتا هنيان ويا جنهن کان پوء عوام احتجاج شروع ڪيا احتجاجن سبب صورتحال خراب ٿيڻ لڳي ۽ احتجاج وڌي اچي درٻار تائين پهتا ۽ بادشاھ سلامت درٻار لڳائڻ جو حڪم ڪيو عوام کي درٻار گهرايو ويو، بادشاھ سلامت تمام گهڻو خوش ھو ۽ وزير کي چيائين ڏس منهنجي قوم سجاڳ قوم آھي جيڪا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿاري رهي آھي اڄ آء پنهنجي رعايه تان ٽئنڪس مرڳوئي ختم ڪري ڇڏيندس اهو چئي بادشاھ سلامت درٻار ۾ آيو ۽ عوام جي اڳواڻ کان پڇيائين ڇا ماجرا آھي؟ بيان ڪريو !!! جنهن تي احتجاجين جي اڳواڻ چيو بادشاھ سلامت عرض آھي ته اوهاجي حڪم تي هڪ آنو ٽيڪس وصوليو ويو اسان رياست جو فرمان سمجهي ادا ڪيو ۽ اهو ٽيڪس هڪ آني مان ٻه آنا ۽ ٻن آنن مان ڇار آنا وري چار آنن مان اٺ آنا وري پوء اٺ آنن مان هڪ روپيو ڪيو ويو جيڪو اسان خاموشي سان رياست جو فرمان سمجهي قبوليو سين وري هڪ روپئي سان گڏ هڪ جوتو هڻڻ جو فرمان روا ٿيو اسان خاموش رهياسين ۽ ڪجھ نه ڪڇيو هاڻي وري ھڪ روپيو ٽيڪس سان گڏ وري ٻه جوتا هڻڻ جو فرمان روا ٿيو آھي جيڪا سراسر زيادتي آھي ….! بادشاھ سلامت وراڻيو اوهان پنهنجو مطالبو پيش ڪريو جنهن تي نظرثاني ڪئي ويندي ۽ اوهان سان ڀرپور انصاف ڪيو ويندو جنهن تي مطالبو پيش ڪندڙ چيو بادشاھ سلامت اوهانجو اسان وٽ قدر آھي اوهانجو هر حڪم اکين تي آھي عرض آھي ته اسان هڪ روپيو ٽيڪس به ادا ڪنداسين ۽ ٻه جوتا کائڻ به برداش ڪنداسين بس اوهان رڳو جوتا هڻندڙ سپاھ جو تعداد وڌايو ڇاڪاڻ ته جوتا هڻڻ وارو هڪ آھي جنهن سبب اسان کي قطار ۾ بيهڻو ٿو پوي ۽ دير ٿي ٿئي بس اسان جو اهوئي مطالبو آھي آھي ، ڏٺو وڃي ته اها ته هڪ جهالت واري دور جي ڪٿا آھي پر موجوده دور به ان کان مختلف نه پيو ڏسجي ڇا ڪاڻ ته حڪمرانن وٽ آمدني وڌائڻ جو ۽ معاشي خوشحالي جو ڪو پلان ناهي ۽ عوام جي خوشحالي جا صرف کوکلا نعره بچيا آھن پ پ پ سرڪار لاءِ سوچڻ جو مقام آھي ته لٽي اجهي ۽ اٽي جو نظريو ڏيندڙن جي پنهنجي دور ۾ ئي عوام اجهي لٽي کان پوء اٽي لاءِ پريشان آھي ۽ ڪا حڪمت ئي ناهي جو اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي حڪمرانن سميت ذميوار ڪامورا شاهي جي سموري مشينري منظر تان غائب آھي ۽ صرف خالي سرڪيولر پيا نڪرن ته جيڪو اٽو مهانگو ڏيندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ عملي طور ڪجھ به نه ٿي رهيو آھي ۽ ننڍن شھرن ۾ اٽي چڪي وارن اٽي جي وڌندڙ اگهن جيان پيسائي پڻ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏي آھي جيڪو عمل پڻ لمحه فڪريه آھي ۽ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ جي گدامن تي پيل ان فلورملن کي ڏيڻ بجائي ڊائريڪٽ عوام کي رعايتي اگهن تي ڏنو وڃي ۽ منعافي خور فلورملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي پابند ڪيو وڃي ته اٽي جي پيسائي في مڻ قيمت جائز ورتي وڃي يا ٻي صورت ۾ عوام کي نڪري تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جو گهيراء ڪرڻ گهرجي ته آخر عوام سان ايڏو ظلم ۽ بي واجبيون ڇو ٿي رهيون آھن سنڌ جو عوام اجهي ۽ لٽي لاء ته اڳئي پريشان هو هاڻي ته اٽي جي پريشاني جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي .
