دادوءَ ۾ نيشنل بئنڪ انتظاميه خلاف پينشن هولڊرن جو وارثن سميت ڌرڻو

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ نيشنل بئنڪ انتظاميا جي غير اخلاقي رويي خلاف پينشن هولڊر جي وارثن اعجاز ملڪاڻي، فدا حسين سومرو، اسحاق لنڊ، همت ٻٻر، اعجاز ملاح، شرجيل ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري بئنڪ جي مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي بئنڪ انتظاميا خلاف شديد نعري بازي ڪئي، مظاهرين دانهيو ته گذريل هڪ مهيني کان بئنڪ جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون بئنڪ ۾ مقرر عملو پينشن هولڊر پيرسن والدين کي رلائي رهيو آهي، هنن الزام هنيو ته بئنڪ ۾ مقرر عبدالحفيظ سومرو   پينشن هولڊر پيرسنن سان بداخلاقي ڪري کين ڌڪا ڏئي بئنڪ مان ڪڍڻ سان گڏ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون، هنن چيو ته پينشن هولڊن جي ٻيهر بائيو ميٽرڪ ۽ نوميرج سرٽيفڪيٽ لاءِ چيو ويو هو، نوميرج سرٽيفڪيٽ کڻي پهتاسين ته وري چيو ويو ته بائيوميٽرڪ لاءِ سڀاڻي اچجو گذريل هڪ هفتي کان بائيوميٽرڪ نه پئي ڪئي وڃي جنهن سبب سندن جا اڪائونٽ بند پيل آهن هنن چيو ته بئنڪ اڪائونٽ ۾ آيل پينشن کي ٻه هفتا گذري ويا آهن پر بئنڪ انتظاميا رٽائر مينٽن کي پگهار جاري نه پئي ڪري جنهن سبب سندن خاندان سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن بئنڪ جي اعليٰ عملدارن سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بئنڪ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري پينشن هولڊرن جا جائز مسئلا جلد حل ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں