دڙو ۾ پ پ طرفان بلدياتي اليڪشن لاءِ پاور شو، وڏي ريلي ڪڍي وئي

دڙو (ن س) دڙو ۾ پ پ پاران 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن جي ڪاميابي لاء ھڪ وڏو سياسي پاور شو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي پ پ جي اڳوڻي ضلعي صدر سابق ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ، پ پ سجاول ضلع جي سينئير نائب صدر ارباب ڪامران ميمڻ، اڳوڻي ضلع ناظم ۽ پ پ اڳواڻ سيد شفقت شاھ شيرازي جي فرزند سيد حاجي بادشاھ شاھ شيرازي جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال ۽ ٽيڪسي اسٽاپ کان پنڃاري پل تائين ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ دڙو ٽائون ڪميٽي جي مختلف وارڊن تي پ پ پاران نامزد اميدوارن علي اڪبر عيساڻي، ارباب نجيب ﷲ ميمڻ، سيد جي ايم شاھ، اياز حسين سومرو سميت دڙو، لائقپور، ڪنڊور سيد علي اڪبر شاھ، مراد پور يونين ڪائونسلن ۽ ٻين علائقن کان آيل سوين پ پ ووٽرن ۽ عوام شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ، سيد باشاھ شاھ شيرازي، يوٿ ضلع جي صدر ذاھد حسن کڏو، غياث ميمڻ، محمد خان ڪڇي، اميدوار علي اڪبر عيساڻي، صديق ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ سجاول ضلعو پ پ جو مضبوط قلعو آھي، عوام 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سڄي ضلعي جيان دڙو ٽائون ڪميٽي جي پنجن وارڊن تي نامزد سمورن پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں