ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا جنهن سبب ملازمن طرفان سنڌ يونيورسٽي پورهيت جدوجھد ڪميٽي قائم ڪري جدوجھد تيز ڪرڻ جي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي جنرل باڊي جو پهريون اجلاس يونيورسٽي جي پويلين گرائونڊ تي گهرايو ويو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ملامن شرڪت ڪئي. ان موقعي ته سنڌ يونيورسٽي پورهيت جدوجھد ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر غلام نبي ڀلائي ۽ آرگنائيزرن مصطفيٰ چانڊيو، ذوالفقار سهارڻ، نجم علي سومرو، رياض ناريجو، شبير سيال ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ملازمن جي يونين سيوا جي اڳوڻن نااهل اڳواڻن جي ڪري يونين جي رجسٽريشن رجسٽريشن اٿارٽي پاران ڪينسل ڪئي وئي جنهن سبب مجبورن پورهيت جدوجهد ڪميٽي ٺاهي آهي، هنن چيو ته سيوا جي اڳوڻن اڳواڻن پنهنجي نااهلي تي پشتائڻ بجاء اڄ وري وي سي آفيس اڳيان يونين جي جنرل باڊي گهرائي آهي جنهن کي پڻ پورهيت جدوجهد ڪميٽي ۾ شامل ٿيندڙ سوين ملازمن رد ڪيو آهي. هنن چيو ته ملازمن جا ليو انڪيشمينٽ، رهائشي پلاٽن تي ترقياتي ڪم، ملازمن جي اپ گريڊيشن، ميڊيڪل پينل ۽ رهائشي ڪالوني جي مسئلن سميت ڪيترائي جائز مسئلا رهيل آهن جن جي حل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جو موجوده وائيس چانسلر پروفسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو بلڪل به سنجيده ناهي، تنهن ڪري اجلاس ۾ اڪثريتي راء سان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سيوا جي رجسٽريشن جي بحالي سميت ملازمن جي هڙني مسئلن لاءِ سگهاري جدوجهد ڪئي ويندي. هوڏانهن رجسٽريشن ڪينسل ٿيل يونين سيوا اڳواڻن پاران سنڌ يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ اي سي ٽو جي آڳند تي ڪوٺايل جنرل باڊي ۾ پڻ وڏي انگ ۾ ملازمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد علي گھانگھري صحافين کي ٻڌايو آھي تـ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن اڄوڪي جنرل باڊي ۾ اڳوڻي صدر غلام نبي ڀلائي، غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ رياض ناريجو جي ملازمن جي اڪثريت راءِ سان ھميشه لاءِ سيوا ۾ پابندي ھڻندي ميمبر شپ ختم ڪري ڇڏي آھي.
