سيد ممتاز علي شاهه پارٽي جي خلاف ورزي ڪئي آهي: عزت علي برهماڻي

اڏيرولال(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر عزت علي برهماڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سيد ممتاز علي شاهه پيپلز پارٽي جي خلاف ورزي ڪندي هڪ آزاد اميدوار آصف ڇٽو جنهن جو چونڊ نشان ڍڳو آهي، جنهن جي حمايت ڪري پيپلز پارٽي جي نامزد ٽڪيٽ هولڊر مطلب مون کي يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان هارائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، عزت علي برهماڻي وڌيڪ چيو ته آئون تعلقي جو جوائنٽ ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو آهيان. ان کان علاوه 2016 ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي وائيس چيئرمين به رهي چڪو آهيان ۽ جيڪڏهن آئون پيپلز پارٽي جو نه هجان ها ته پوءِ مون کي پارٽي جي طرفان ٽڪيٽ ڇو ملي؟ هن وڌيڪ چيو ته ممتاز شاهه انتهائي غليظ لفظ استعمال ڪري چوي ٿو ته ڇٽا برادري سان عزت علي برهماڻي جي ذاتي دشمني آهي، جيڪو انتهائي غلط لفظ ڳالهائي پنهنجي اصليت ظاهر ڪري رهيو آهي، ڇو ته ڇٽا ۽ برهماڻي هڪ راڄ جا آهن ۽ اسان جو مرڻ جيئڻ هڪ ٻئي سان گڏ آهي. باقي سياسي اختلاف ضرور آهن ۽ ذاتي اختلاف ناهن. هن چيو ته ممتاز شاهه جيڪا ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته شايد اهڙي ٻولي ڪير به نه ڳالهائيندو. ٻئي طرف ايم اين اي مخدوم جميل زمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه پاران آزاد اميدوار جي ورڪ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايم اين اي مخدوم جميل زمان جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آزاد اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ جو فيصلو پي پي جي هاءِ ڪمان جو فيصلو آهي جنهن ڪري هاءِ ڪمان جي فيصلي تي عمل ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته آزاد اميدوار آصف ڇٽو هاڻي پارٽي جو اميدوار آهي جنهن جو چونڊ نشان ڍڳو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ عزت علي برهماڻي هاڻ پيپلز پارٽي جو اميدوار ناهي. هن چيو ته ميڊيا جي توسط سان آئون يونين ڪائونسل اسٽيشن جي عوام کي اپيل ٿو ڪيان ته 15 جنوري تي پ پ جي اميدوار آصف علي ڇٽو کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں