سکر(بيورورپورٽ) سکر کان 18 ڪلوميٽر مفاصلي تي لکي غلام شاھ لڳ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عاقل مهر يوسي جھان خان جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪندي تعلقا آفيسر، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن آفيسر شڪارپور، ايجوڪيشن ورڪس شڪارپور ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ کان گھر ڪئي آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي اسان جي اسڪول جي عمارت، واشروم، چوديواري ۽ فرنيچر ڏيئي اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي۔ مظاھرين موجب ان اسڪول ۾ 200 شاگرد داخل آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ھجڻ ۽ مرمت نه ڪرائڻ سبب شاگرد تعليم حاصل نٿا ڪري سگھن، اسڪول ۾ باٿ روم جي سھولت پڻ ناھي.
