حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ تقريبن 17 مھينا اڳ پنھنجي وحشي ظالم مڙس ھٿان قتل ٿيندڙ قرت العين عرف عيني بلوچ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار عمر خالد ميمڻ کي عدالت طرفان ڦاھي جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ شھيد قرت العين جي وارثن ۽ سول سوسائٽي حيدرآباد طرفان مين نسيم نگر چوڪ تي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر ڪامريڊ پنھل ساريو سنڌ ھنڌو ڪائونسل جي چيئرمين سورج ڪمار ڪوھستاني، وومين پروٽيڪشن سيل جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ماروي اعواڻ، سنڌي عورت تنظيم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نازيا ڀٽي نوجوان قومي فنڪار وقار ملاح قومپرست اڳواڻ سنڌو منڱريو، سينيئر صحافي اسحاق منڱريو، ٽائيم نيوز ڄامشورو جي سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ، سينيئر صحافي جبار ڪابورو، نوجوان صحافي وقار ھيسباڻي، نوجوان صحافي محسن چانڊيو، نصير چنا امام علي ڀالائي، وحيد لاشاري نڪاش سنڌ يونائيٽڊ پارٽي حيدرآباد جي ڊويزنل پريزيڊنٽ منور خاصخيلي انور خاصخيلي قومپرست اڳواڻ غفار مھر، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ سھيل ڀٽو پروگريسو يوٿ الائينس جي چيئرمين سرمد سيال انصار ميمڻ امير باغي ۽ شھيد قرت العين بلوچ جي گھر ڀاتين ۽ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي ـ تقريب جي ڪاروائي رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر ڪامريڊ پنھل ساريو ھلائي جڏھن ته نوجوان قومي راڳي وقار ملاح پاران لطيف جي وائي پڙھي شھيد قرت العين عرف عيني بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته اسان قرت العين قتل ڪيس جي عدالتي فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا انھن وڌيڪ چيو ت عورتن جي وڌندڙ قتل عام کي ٻنجو ڏيڻ لاء ھي تاريخي فيصلو ثابت ٿيندو. ھن چيو ت عدالت سڳوري پاران آيل فيصلي کانپوء سڄي سنڌ ۾ خوشيء جي لھر نظر اچي رھي آھي ھر باشعور فرد معزز جج صاحب جي ھن فيصلي جو احترام ڪري ٿو. اڳوڻي سيڪريٽري خالد ميمڻ جي پٽ عمر ميمڻ کي ٻڌايل ڦاھيء جي سزا کانپوء سنڌ ۾ ھڪ اميد جنم ورتو آھي ته عورتن تي ٿيندڙ سخت تشدد ۽ قتل عام خلاف ھاڻي انصاف ضرور ٿيندو. اڳواڻن پاران شھيد قرت العين جي وارثن جي مستقل مزاجيء سان ڪيل تاريخي جدوجھد کي پڻ ساراھيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ عورتون جانورن جيان ڪٺيون وڃن ٿيون پر جڏھن قرت العين جي وارثن جدوجھد ڪئي ت اڄ ڪيتريون ئي نياڻيون پاڻ تي ٿيندڙ ظلم خلاف اڳيان آيون آھن ۽ ھر فورم تي انصاف لاء جدوجھد پڻ ڪن ٿيون ـ تقريب ۾ شھيد قرت العين جي فوٽوز آڏو ڏيئا ميڻ بتيون ٻاري گلاب جي گلن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي جڏھن ت مٺايون ورھائي عدالتي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي جڏھن ت وارثن پاران سڄي سنڌ جي شعور جا ٿورا پڻ مڃياـ
