لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن جي رهواسين گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي تي رهواسين حاجي خان جاگيراڻي، فقير سڪندر نقشبندي، امجد ميمڻ، طارق کوسو، وحيد بليدي، افضل جتوئي، حفيظ الله جاگيراڻي، راجا ميراڻي ۽ ٻين دانهيو ته اسان شهر جي وليد محلا، معظم ڪالوني، غريب آباد، ميروخان چوڪ، منور آباد، لهر ڪالوني، ڳوٺ گل محمد کوسو سميت ٻين پاڙي جا رهواسي آهيون جتي سردي جي شروعات سان گيس لوڊشيڊنگ برقرار آهي ۽ مختلف وقت تي گيس مڪمل طور بند ڪري پريشان ڪيو ويندو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان سوئي سدرن گيس ڪمپني وارن اسان جي علائقن ۾ ڏينهن توڙي رات جي وقت ۾ گهٽ پريشر ۾ صرف 7 ڪلاڪ گيس ڏئي رڌپچاءَ جي وقت گيس جي فراهمي بند ڪئي ويندي آهي جنهن ڪري اسان جي گهريلو زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي ان لاءِ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون به ڪيون پر هو تدارڪ لاءِ تيار ناهن ويتر گيس پريشر گهٽ تمام گهٽ ڪري مهيني کان وٺي ميروخان چوڪ واري علائقي ۾ گيس جي فراهمي مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر جو خاتمو ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.
