ملير ۾ ايس يو پي طرفان اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي

ملير(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي سڏ تي ڪالهه ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ مھانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي، ايس يو پي ڪورنگي جي ضلعي صدر امير جان چانڊيو، طارق جتوئي، خالق چانڊيو، سهيل ڀٽي، حفيظ لاشاري ۽ جمعو خان سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ هٿرادو اٽي جي کوٽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ۽ سنڌي ماڻهن کي اٽي جي لاءِ روڊن تي بهاري دنيا جي مددگار اين جي اوز کان فنڊ وصول ڪرڻ چاهين ٿا، هنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اٽو سستو ڪيو، کاڄرو تيل سستو ڪري غريبن کي جيئڻ جو حق ڏيو، ھنن چيو تہ ظالم حڪمرانن ھٿرادو مھانگائي ڪري غريبن کي بک ۾ پاھ ڪري ڇڏيو آھي، ھنن گُھر ڪئي تہ کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون فوري طور تي سستيون ڪري غريبن کي ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں