ميرپورخاص(بيورورپورٽ) اٽي جي اگھن ۾ اظافي ۽ ھٿرادو بحران خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن منظور ميمڻ ، محمد خان مري ، لالا اظھر پٺاڻ ، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته منافع خورن پاران ڪڻڪ بليڪ تي وڪرو ڪري سڄي سنڌ ۾ اٽي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي جڏهن ته دڪانن ۽ چڪين تي اٽو في ڪلو 150 روپيا وڪامڻ سبب غريب مزدور طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهي افسوس سان چوڻو ٿو پوي اسان وٽ وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ جي پئداوار ٿيڻ باوجود سڄي سنڌ ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي انتظاميا اٽي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۽ اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته منافع خور انتظاميا کان سگھارا بڻجي چڪا آهن جيڪي پنھنجي مرضيءَ سان ڳري اگهه تي اٽو وڪرو ڪري رهيا آهن ھنن چيو ته خوراڪ کاتي ۾ مبينا ڪرپشن سبب سرڪاري ڪڻڪ منافع خورن کي وڪرو ٿيڻ سبب سڄي سنڌ ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي سنڌ سرڪار جي ناقص ۽ ڪرپشن تي ٻڌل پاليسين سبب ماڻھو اٽي جي حاصلات لاءِ پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور منافع خورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اٽي جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪري غريب عوام کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.
