هنڱورجا(ن س) الفلاح مدد گار فائونڊيشن پاران يوسي رسول آباد جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ء اٽي جا اگھ چوٽ چڙهي وڃڻ جي خلاف رسول آباد ۾ الفلاح مددگار فائونڊيشن جي صدر عبدالرزاق لاشاري عرفان علي سھتو غلام اڪبر خان راڄپر پرويز شر عبدالحفيظ ٿيٻو محمد صديق راڄپر استاد محمد پنجل لاشاريجي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته يونين ڪائونسل رسول آباد ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو برساتي پاڻي پنج مهينا گزري وڃڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا عزاب واري زندگي گزارڻ تي مجبور آهن هنن چيو ته هڪ طرف پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ته ٻي پاسي وري اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي اٽو هن وقت 165روپيه في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪو وڏو ظلم آهي هن وقت اٽي جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي غريب مسڪين ماڻهو اٽي جي هڪ ڪلو لاء پريشان آهن هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي رسو اباد ء ڪوٽڙي ڪبير جو برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ء اٽي جو بحران ختم ڪيو وڃي.
