پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون، ايڊوائيس گورنر حوالي

لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون. لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي قيادت اسيمبلي فوري طور ٽوڙڻ جي راءِ ڏني. اجلاس کانپوءِ پرويز الاهي جي عمران خان سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ٻڌايو ته وڏي وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ايڊوائس گورنر کي موڪلي وئي آهي، گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ ٽٽي ويندي. هن چيو ته اسان ق ليگ، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا ٿورائتا آهيون، ائين ئي اسان ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙينداسين، ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ٿينديون. اسان عوام ڏانهن وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي، اسان کي پنهنجون حڪومتون ختم ڪري عوام وٽ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي. فواد چوڌري چيو ته اسان 48 ڪلاڪن ۾ حمزا شهباز کي عبوري حڪومت لاءِ خط لکي رهيا آهيون، آئين جي گهرج آهي ته اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪري عبوري حڪومت جوڙي وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن اندر پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن، پاڪستان جي اٽڪل 60 سيڪڙو سيٽن تي اهي چونڊون ٿينديون. سندس موجب اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي پنهنجو ضد ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان اندر اليڪٽورل فريم ورڪ طئي ڪنداسين ۽ پاڪستان کي قومي چونڊ ڏانهن وڌڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں