ڪراچي (بيورو) ڪيترن ئي سالن کان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ۽ هڪٻئي تي سنگين نوعيت جا الزام هڻندڙ متحده جا ڌڙا ٻيهر متحد ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ خالد مقبول صديقي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي کي متحده ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار طرفان به ايم ڪيو ايم ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران عامر خان، انيس قائم خاني ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي کي اصل وارثن کان کسڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، اِن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجڻ جي ضرورت هئي. هن چيو ته اسان جي ڪوششن رنگ لاتو آهي، اسان جو مينڊيٽ ورهائڻ جي سازش ڪندڙن کي اڄ مايوسي ٿيندي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال جي آجيان ڪريون ٿا .متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي وڏڙن پاڪستان ٺاهيو هو، هاڻي پاڪستان کي بچائڻ جي ذميواري به اسان پاڻ تي رکون ٿا.
