صوفي محمد حسن نهڙيو ٿرپارڪر
کاهوڙين کڻي، ساجھر ٻڌا سندرا،
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪيائون پاڻ پڻي،
ڏکن ڏيل هڻي، ڇيه لڌائون ڇپرين. )شاھ(
ٿر رڳو رڃ ۽ سڃ جو نالو نہ آھي پر ٿر ڏيئن جهڙن ڏات وندن جو روشناس ڏيھ بہ آهي جنهن ۾ سگهڙن، اديبن، حافظن، ۽ وڏڙن جي وارتائن جو اجرو اتهاس پڻ آهي جنهن ۾ بهادر ۽ بيباڪ ڳڻن سان شرشار حق ۽ سچ جا ساٿاري اڄ بہ ٿر ۾ ٿوهر منڌي وانگي موهريا ملن ٿا. انهي ملڪ جي مڻيادار ماڻهن ۾ سائين حافظ محمد کٽي بہ هڪ نيڪ نيت ڪامل انسان هو حافظ صاحب محمد عثمان ڏيپلائي جي خوبصورت شهر ڏيپلي ۾ محمد اسحاق کٽي جي اجري اڳڻ تي 5 آگسٽ 1946ع تي جنم ورتو سندس والد اصل کاوڙ ڀڄ ڪڇ انڊيا کان نقل مڪاني ڪري 1944ع ڌاري ڏيپلو آيو. حافظ صاحب پهريون ڪلاس پرائمري اسڪول غريب آباد بدين ۾ پڙهيو جنهن بعد سندن خاندان وري واپس اچي ڏيپلو جا وڻ وسايا هن پرائمري کان ميٽرڪ ڪلاس تائين ڏيپلو هائي اسڪول مان اول پوزیشن کنيائين ۽ انهي عرصي دوران 8 مهينن ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو جڏهن تہ غربت سبب روزي روٽي جي ڊوڙ ۾ رڌل رهيو ڪتاب بائينڊنگ ڪرڻ ۽ والد صاحب کي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مدد ڪندو هو هن شخص ڪڏهن بہ مزدوري کي مهڻو نہ سمجهيو هو هو رب جي رضا تي رهڻ وارو مرد مجاهد ڪڙين حالتن ۾ زهر کي زم زم ڪري پيتو ۽ مرڪندي مرڪندي نيٺ ڪاميابين جي مومل ماڻيائين 21 جنوري 1963ع ۾ پرائمري ماستري جو آرڊر ورتائين 1963 ڏيپلو مدرسي واري مسجد ۾ امامت ۽ خطابت سنڀاليائين سندس روحاني استاد اسلام جو وڏو اسڪالر مولوي محمد عمر جوڻيجو هو پرائمري کان سيڪنڊري تائين ٿر جي مختلف اسڪولن ۾ درس و تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنائين ان کان پوءِ 19 سيپٽمبر 1982 ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪاميابي ماڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سر عبداﷲ هارون ڪراچي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو جتي پڻ بحسن وخوبي 7 سال فرائض منصبي سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1989 ع ۾ سندن تبادلو ڊگري ڪاليج مٺي ٿرپارڪر ۾ ٿيو جتان کان 2003 ع ۾ پنهنجي پر امن سڪونت واري شهر ۾ ڏيپلو جي ڪاليج ۾ انچارج پرنسپال جي عهدي تي فائض رهيا ۽ 5 آگسٽ 2006 ع ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي رٽائرمنٽ ٿيو حافظ محمد کٽي پنهنجي دور ۾ هڪ مثالي مقرر ديندار مزاج ۾ شگفتہ عربي و فارسي جي اسرار عربي عبارت صرف و نهو ۽ بلاغت تي عبور رکندڙ مثالي خطيب ۽ امام هو حافظ صاحب ديني جماعت جي ناتي سان ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪيترا ديني ادارا، مسجدون، نلڪا، کوھ، ٺهرائي ڏنا جيڪي حافظ صاحب جي محنت جو صلو آهن حافظ محمد کٽي پنهنجي صاحب پنهنجي حياتي جون 76 بهارون ڏٺيون چند ڏينهن بخار رهڻ کان پوءِ انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪرايو ويو جتي کيس وبائي مرض ڪرونا جو شدید حملو ٿيو آخرڪار 4 جنوري 2021 تي سومهڻي نماز وقت هن فاني دنيا کي الوداع چئي آخرت جا راهي ٿيا. ان وقت ڏيپلو شهر جي هر انسان جي منهن تي خاموشي ڇانيل هئي ڏيپلو شهر جون گليون، عيدگاهہ، مسجدون روئي رهيون هيون ۽ وڻ بہ ڪومائجي چئي رهيا هئا ته
“اڱڻ اهي ئي جت نه پسان جوءَ ۾،
اوطاقون اوٺين جون سڃيون سڀئي،
اکيون روئي ماڳ نهاري موٽيون. (شاھ)
دعا آهي ته الله تعالي حافظ محمد کٽي کي پروردگار جل شانه سندن مرقد تي رحمت جا مينهن وسائي سندن بشري ڪوتاهيون پنهنجي مهر سان مرهي کين اعلي عليين ۾ مقام عطا فرمائي. آمين يارب العالمين
