دادو(ڊ ر ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ سينيئر صدر ڪريم علي جتوئي ضلع صدر عاشق علي زنئور جي اڳواڻي ۾ مختلف وارڊن جي اميدوارن پاران پپري روڊ کان مڪاني اليڪشن ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين موٽر سائيڪلون، ڪارون،رڪشا جھنڊا کڻي شامل ٿيا، ريلي دادو شھر جي مختلف علائقن کان گشت ڪندي دادو پريس ڪلب پهتي، پي ٽي آء اميدوارن بشيران سولنگي، ياسين سولنگي، ظھير چانڊيو، ادريس ڀرٽ،مجيد لاشاري، اسلام زنئور، دلدار، ممتاز،امتياز ڏاوڇ سميت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن، سپورٽرن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، آخر ۾ ريلي جتوئي هائوس اليڪشن آفيس تي عمران خان ۽ لياقت جتوئي جي نعرن جي گونج ۾ پهچي ختم ٿي.
