سجاول (ڊ ر) سجاول ضلعي جي معزز شخصيت ۽ سابق ضلعي ڪائونسل سجاول جو ميمبر رئيس گل حسن ڀرڳڙي ڪجهہ مهينن کان جگر ۽ ڦڦرن جي ڪينسر ۾ مبتلا هو جنهن جي علاج دوران گذريل ڏينهن وفات ڪري ويو۔ مرحوم گل حسن ڀرڳڙي سنڌ ۾ ڪلاسيڪل وڏيري طور سڃاتو ويندو هو، پر هو روايتي وڏيري پائي واري ذهنيت کان هٽي ڪري غريب، مسڪين ۽ يتيم ماڻهن جي ڪفالت ڪرڻ سان گڏ بااخلاق، رحم دل، شفيق، سخي ۽ مهمان نواز انسان هو۔ رئيس گل حسن ڀرڳڙي جي وفات جي خبر ٻڌندي ئي گذريل رات کان ئي سوين ماڻهو سندس ڳوٺ ڏانهن اچڻ شروع ٿي ويا هئا۔ ڳوٺ رئيس سومار خان ڀرڳڙي ۾ سندس جنازي نماز ۾ سجاول ضلعي جي سڀني شهرن ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن سميت سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي
