نوشهروفيروز( ڊ ر) سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام نوشهروفيروز جي اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس پاران غيرقانوني طور تي ليڊي هيلٿ ورڪرز کان 1 ڪروڙ 50 لک رپين جي لڳ ڀڳ رقم وصول ڪرڻ واري عمل خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران مٺياڻي روڊ تي شريفان، فاطمہ، وزيران، نورجهان، محمد سليمان، گلشير، آصف علي، محرم علي، صدام حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام جي اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس جي خلاف نعريبازي ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته تازو سنڌ حڪومت پاران ضلعي نوشهروفيروز جي 12 سئو 11 ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 2015 جي انڪريمينٽ واري رقم 14 ڪروڙ رپيا جاري ڪئي وئي آهي .جنهن مان في ليڊي هيلٿ ورڪياڻي کي 58 هزار جي لڳ ڀڳ رقم ملي ٿي جيڪا ڏيارڻ جي لاءِ سنڌ ليڊي هيلٿ پروگرام جي اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس في ليڊي هيلٿ ورڪياڻي کان 13 هزارن کان 15 هزار تائين ٽوٽل 1 ڪروڙ 50 لک جي لڳ ڀڳ رقم وصول ڪرڻ کان پوءِ پاڻ غائب ٿي ويو آهي. جنهن ڪري ٽريزري آفيس نوشهروفيروز مان هن وقت تائين صرف اها رقم 5 سئو 48 ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڪائونٽ ۾ آئي آهي. باقي 6 سئو 63 ليڊي هيلٿ ورڪرياڻيون اها رقم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن جن ۾ سخت مايوسي پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري سوين ليڊي هيلٿ ورڪرياڻيون سخت پريشان آهن جيڪي سالن کان احتجاج ڪنديون رهيون آهن هاڻي ڪورٽن جي دٻاءَ کان پوءِ حڪومت مجبور ٿي کين پڪو ڪيو آهي ۽ 2015 جي انڪريمينٽ واري رقم جاري ڪئي پر پرو گرام جي ڪرپٽ اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس ليڊي هيلٿ ورڪياڻين کان ڪروڙين رپيا روڪ وصول ڪرڻ جي باوجود سندن مسئلو حل ڪرائڻ بجاءِ پاڻ رقم وٺي غائب ٿي ويو آهي جنهن ڪري اسان صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري صحت سميت سمورن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جو جائز مسئلو حل ڪرائي غير قانوني طور تي ورتل اڪائونٽنٽ اظهر عباس منهاس پاران رقم سموري ليڊي هيلٿ ورڪرز کي واپس ڏياري وڃي ٻيءَ صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
