سنڌ ۾ اٽي جو گھوٽالو ۽ حڪمرانن جو ڪردار

مجيد نواز مغل
انسان جي لاءِ ڪجھ شيون ضروري آھن جن کانسواءِ انسان زندھ نه ٿو رھي سگھي، کاڌ خوراڪ، ھوا باھ ۽ پاڻي، جيڪڏهن انھن شين مان ڪا به ھڪ شيءَ جي گھٽجڻ جي ڪري انسان جي زندگيءَ گھٽجي وڃي ٿي، اھو ھڪ فطري عمل آهي انسان پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ مختلف کاڌا استعمال ڪندو رھيو آھي، ڪڏھن انسان گوشت خور ته ڪڏھن، ميوا خور، ان کانپوءِ اناج خور رھيو آھي. ھن وقت انسان وٽ جيڪو پيٽ ڀرڻ لاءِ اھم ذريعو صرف اناج ئي آھي اھو ڀلو ڇو نه پوءِ مڪئي، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجھري، جو، چانور، وغيره آهي، جنھن کي پيھي ڪري انسان اٽو حاصل ڪندو آھي جنھن ۾ ھو ماني پچائي پنھنجي پيٽ جي اڃ اجهائيندو آھي. پر افسوس انھيءَ ڳالھ جو آھي ته اسان وٽ سنڌ ۾ ان مھانگو لڳو پيو آھي. ان ۾ جتي واپاري ملوث آھن. اتي حڪومتي وزير ڪامورا ۽ اڄ جي دڳر جا طاقتور ترين وڏيرا ۽ زميندار سڌي يا اڻ سڌي ريت ملوث آھن. ھڪ ته حال ۾ سنڌ سرڪار ھر ڀيري جيان عوام کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو، صرف ملڪ جي ٻين صوبن کي سکيو رکڻ لاءِ، اھڙي ريت سنڌ تي جيڪي حڪمران آھن، اھي سنڌ جي رھواسين جا خيرخڳاھ ناھن. اھي پنھنچا پيٽ ڀرڻ ۽ عياشين لاءِ ھر اھو قدم کڻن ٿا جنھن سان سندن مفادن جي پوئرائي ٿئي باقي عوام وڃي ڪڍ ۾. نٿرا عوامي ڪم پنھنجا. اھي ڪنھن به طرح سان، عوام جو رت چوسڻ، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کپائڻ، سنڌ جا وسيلا ٻين جي حوالي ڪرڻ جھڙا ڪڌا ڪم لڪ ۾ ڪن پيا ۽ عوام کي ھر شيءَ ھر سک ۽ ھر نئين ترقي کان محروم رکندا اچن پيا، مطلب ته گذريل ھڪ ڊگھي عرصي کان انھن عوام دشمنن عنصرن جي ئي سرڪار آھي.
ھن وقت ھر عام واھپي جي شيءَ ايتري ته مھانگي آهي جو غريب غريب تر ۽ امير امير تر ٿيندو پيو وڃي، غريب کي جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ وجھي پينھيو پيو وڃي، سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءَ ضروري آهي اھا کاڌ خوراڪ جيڪا رياست کي ڪھڙي به وقت، ڪھڙي به حالت ۾ عوام کي سستي اگھن تي ڏيڻ گھرجي، جيڪڏهن رياست ائين نه ٿي ڪري سگھي اھا رياست عواني رياست نه سڏبي آھي، ھن وقت پ پ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان بلاول ڀٽي زرداريءَ سموري سنڌ سوچي سمجھي ٻوڙائي ته جئين ٻاھرين ملڪن توڙي گڏيل قومن کان فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ملڪ کي ڏيوالي خاطر بچائڻ لاءِ سنڌ کي ھر دفعي وانگر قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، لکين ايڪڙ بيٺل ڪپھ جو فصل تباھي ٿيو، ڪروڙين سنڌي بي گھر ٿيا. سنڌ ۾ لاتعداد گھر ڪري پيا ۽ ماڻھو بي گھر ٿيا. سنڌ جي ھر شيءَ تباھ ڪئي وئي آهي ھر ادارو، ھر سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا پڻ ڪرپشن جي ور چاڙھيل آھن. جيڪڏهن سرڪار گذريل سال 2021ع جي ڪڻڪ خريد ڪيل في مڻ ٻه ھزار روپيه ته ان کي ھڪ وقت ئي چار کان پنج ھزار پنج سئو روپيا مڻ ڪري ڇڏڻ کپي ھا. ھڪ غور ڪرڻ جي ڳالهه آھي ته پنج سئو روپيا ڏھاڙي ڪمائڻ وارو پورھيت، 160 روپيا في ڪلو اٽو ڪئين وٺي سگھندو، ڇا صرف ھو اٽو وٺندو. ان جا ٻار نه پڙھن نه ڪوئي ڪو لٽو وٺن ۽ نه تعليم حاصل ڪري سگھن. جڏھن سرڪار کي خبر ھئي ته ٻوڏ خطرباڪ ايندي پوءِ به ڪو تڪڙو اپاءُ نه ورتو ويو پوءِ اٽي جي گھوٽالي بابت کين چڳي ريت ڄاڻ ھئي ته فصل ٻوڏ جي ڪري نه ٿيندا پوءِ وري غفلت جو ڇا مطلب؟ پرڏيھي امداد تازو سرڪار کي ملي رھي آھي پر اھا وري اسيمبلي ميمبرن وزيرن سرڪاري ڪامورن ۽ اسٽبلشمنٽ جي پيٽ ۾ ويندي خرچ رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاربا. زميني حقيقتون ان جي ابتڙ ھونديون. وفاقي ۽ سنڌ جي سرڪار گڏيل طور عالمي ادارن ۽ پرڏيھي ملڪن کي ھاءِ گھوڙا ڪري امداي رقنو گڏ ڪرڻ ۾ اڃان مصروف آھن پر اٽي جي گھوٽالي چي خاتمي لاءِ ڪا عملي سنجيدھ ڪوشش ممڪن ناھي بلڪي مستقبل ۾ پڻ ڪا به چڳائي جي اميد نتي رکي سگھجي ۽ عوام کي پنھنجن مسئلن جي حل واري جنگ پاڻ وڙھڻ جي سخت ضرورت آھي. ايڏي ڳاٽي ٽوڙ مھانگي، ٻئي ان کان ڏھوڻ تي وڌيڪ بيروزگاريءَ عام ماڻھن جو جئيڻ جنچال ڪري ڇڏيو آھي، ايتري تائين جو آيل خطرناڪ ٻوڏ ۽ برسات کي چار مھينا ٿي ويا پر پوءِ به ٿڌ پاري ۾ ھن وقت تائين ماڻھو کليل آسمان ھيٺ ويٺا آهن. آخر ھي نظام ڪئين سڌرندو، ھر ننڍو توڙي وڏو ملازم ڪرپٽ آھي ۽ ھي جيڪي سائين، سي ايس ايس پاس ڪري بيوروڪريٽ ٿين ٿا انھن جيڪو ته سنڌ سان حشر ڪيو ۽ ايڏي ڪرپشن ڪن ٿا جو ھر شيءَ تباھ ڪري ڇڏين. ھت ڪو ڪيڏو به ڏوھي ھجي. پئسي وارو يا سياسي آھي ته ان لاءِ عدالت مان آزاد ٿيڻ ڪو مسئلو ئي ناھي. ھت قانون موجود آھي پر عمل غريب لاءِ آھي پر امير لاءِ ناھي. ٻيٽو معيار آھي. جيترو امير آھي ڪو اترو وڏو ماڻھو ۽ قانون کان مٿانھون آھي ۽ عوام وري وري ساڳين وڏيرن ميرن ۽ پيرن جي پيرن ۾ آھي. سڄو ڏينھن اتي ذليل ٿيندا پيا وري سڌرڻ جو نه سوچيندا ھوٽلن تي ويٺا ھوندا. ڪو ڪاروبار يا ننڍي روزگار لاءِ ڪو تحرڪ نه وٺبو. جئين ڪراچي جھڙي اجگر شھر ۾ غير سنڌي ڪن پيا. اھي ھر ننڍي کان ننڌي ڌنڌي ۾ ھٿ وجھي روزگار شروع ڪن ٿا ۽ پوءِ پنھنجو جيون سکي ڪري وٺن ٿا. سندس سوچ مثبت آھي. بنيادي ڳالھ سنڌ ۾ شعور آڻڻ جي آهي ۽ معياري تعليم جي سخت ضرورت آهي، محب وطن ۽ عوام سان سچي ليڊرشپ جي سخت ضرورت آهي پر ٿئي اھو ٿو جيڪو به غريب جي حقن لاءِ وڙھڻ لاءِ ٿو اٿي پوءِ ڪجھ ئي وقت ۾ ارب پتي ٿيو وڃي، شيش محلن بنگلن ۾ رھائش پزير ٿيو وڃي، ھتان جو ھر سرمائيدار سدائين حڪومتي ڌر ۽ پنھنجي ڪلاس جي حمايت ۾ ھوندو آھي، توڙي ڪھڙي به حڪومت ھجي، توڙي جو مڊل ڪلاس ته شروع کان ڀاڙي ٿئي ٿي. ڏچو ته غريب پورھيت ۽ ھاري جو آھي جيڪو ڪٿي پھچي نه ٿو سگھي، بس رڳو محنتون ڪري پنھنجن مسئلن کي سدائين منھن ڏيندو رھي ٿو. ٻيو ته سياسي تنظيمن يا پارٽين طرفان رڳو احتجاج يا مظاھرا ڪرڻ سان ڇا ٿو ٿئي. شعور جي کوٽ ۽ حقيقي ڪلاس جي حڪومت نه ھجڻ سبب مسئلا ڪر کينو بيٺا آھن. ھڪ مسلسل ۽ لڳاتار حقيقي جدوجھد جي سخت ضرورت آھي، جنھن سان سنڌ جي مک مسئلن ۽ عوام چي حالتون تبديل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي. سنڌ جي عوام کي اٽي سميت پنھنجن سمورن مسئلن جي حل خاطر سچاڳ ٿيڻو پوندو ۽ جيڪڏھن وقت سر سجاڳي اختيار نه ڪئي وئي ته پوءِ سڃي قوم جو نقصان ٿي ڳيندا ۽ عالمي طور تي طاقتور طبقاتي جنگ ۾ پڻ اسان پوئتي رھچي ڳينداسين ۽ پڇتاءُ کانسواءِ ڪجھ حاصل نه ٿيندو. باقي مفاد پرست سرمائيدار طبقي جي حاڪميت اسان تي سدائين حاوي رھندي. جيڪا ڳالھ پورھيتن لاءِ ۽ مڊل ڪلاس لاءِ وڏو حاڃو ثابت ٿيندي. خالي نعرا لڳائڻ يا ببد ڪمرن ۾ اجلاس سان ڪجھ نه ٿيندو. نجات لاءِ منظم جدوجھد ڪرڻ ۽ متحد ٿيڻ جي لازمي ضرورت آھي. انھيءَ ڏس ۾ گڏجي ويڙھ ڪجي ڇاڪاڻ ته اسان جو دشمن ڪافي طاقتور آھي ۽ اسان گروھن ۽ ٽولن ۾ ورھايل آھيون ۽ جنھن جو ھو فائدو وٺي رھيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں