سکر (بيورو رپورٽ) غير سرڪاري تنظيم لبيڪ سکر مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته وڌندڙ مهانگائي سبب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. مهانگائي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ امپورٽيڊ حڪومت مظلوم ۽ غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. جنهن سبب پورهيت طبقي جا ماڻهو سخت پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته وڌايل مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.
