نوابشاهه(ڊ ر) شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان نوابشاهه پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي ۽ اٽي جي ھٿرادو مھانگائي خلاف مرڪزي مرتضوي مسجد امام بارگاهه موهڻي بازار کان ھٿن ۾ ماني جون دٻڪيون کڻي سوين ماڻھن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي صوبائي مشير مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، ڊويزنل صدر زوار محمد حسين چانڊيو، ضلعي صدر مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا عبدالحڪيم لاشاري، غلام عباس سيال، سلامت ساجدي، سيد جعفر علي شاهه، آصف حسين الحسيني ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، غريب ماڻھو بکون ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمرانن اٽي کي ھٿ سان مھانگو ڪري غريب عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسان جي سنڌ جي حڪمران وقت کان اڳ ڪڻڪ کي مھانگو ڪري اٽي جي کوٽ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي جنھن سان غريب ماڻھو بکون ڪاٽي رھيا آھن، ھنن چيو ته حڪمران پروٽوڪول ۾ گھمي رھيا آھن ۽ غريب ماڻھو پنھنجا ٻچا ۽ ٻار بکن ۾ ڏسي روئي رھيا آھن، ھنن چيو ته جيڪڏهن اھا صورتحال رھي ته ملڪ ۾ خانه جنگيءَ جھڙي صورت حال پيدا ٿيندي، ھنن چيو ته سنڌ تي قابض حڪمران پهريان عوام کي بي گهر ڪيو ۽ هاڻي اٽي جو ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري عوام کان ماني به کسي ورتي آهي، ھنن چيو ته سستي اٽي جي آڙ غريب ماڻھن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪئي پئي وڃي جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ اٽي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري سستي اگھ تي اٽو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
