نين تڪبندين تائين ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن: ايم ڪيو ايم جو ٻيهر انڪار

ڪراچي (بيورو) ايم ڪيو ايم پاڪستان چونڊن کان فرار ٿيڻ جو الزام رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته نين تڪبندين تائين مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، ميئر انهن ماڻهن جو ڇو نه هجي جن جي آبادي وڌيڪ آهي. رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس کانپوءِ ڳالهيندي فروغ نسيم چيو ته جتي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ هو، انهن يوسين ۾ وڌيڪ ووٽر رکيا ويا. فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي جي آبادي کي درست ڳڻيو وڃي، ٽي ڪروڙ جي آبادي کي ڏيڍ ڪروڙ ڏيکارڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، تڪبندين ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، تڪبنديون درست ڪرڻ بنا مڪاني چونڊون غير قانوني هونديون، ايم ڪيو ايم متحد ۽ شريف ضرور ٿي آهي پر ڪاغذي شينهن کي ڀڄائڻ ڄاڻي ٿي. فروغ نسيم چيو ته سنڌ حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ کانپوءِ ڪي تڪبنديون ناهن رهيون، جنهن بنياد تي چونڊون ٿيڻيون هيون اهو بنياد ئي ختم ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں