ٽنڊوآدم( ن س ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق جي اپيل تي جماعت اسلامي پاران ٽنڊي آدم ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن مشتاق احمد عادل، عبدالستار انصاري، فيصل غفور انصاري . سيد عريف الله، عمران عزيز غوري، پروفيسر احمد بلال غوري ۽ حاجي نور حسن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب موجوده وقت ۾ ملڪ شديد بحران جو شڪار آھي مھانگائي . بي روزگاري . بدامني عروج تي آھي غريب طبقو سخت پريشان آھي ھنن چيو اسان جو ملڪ قدرتي وسيلن سان مالامال آھي ان باوجود ھتي اٽو، کنڊ، دال، چانور، گيهه، پيٽرول، ڊيزل سڀ ڪجهه مهانگو آهي. بجلي مهانگي، گيس مهانگي آهي، پهريان ئي مهانگائي عوام جي چيلهه چِٻِي ڪري ڇڏي هئي پر پي ڊي ايم حڪومت اٽي ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين سميت گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي. دوائون پڻ مهانگيون ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آئي جڏهن اپوزيشن ۾ هوندا آهن ته عوام کي فائدو ڏيڻ جا خواب ۽ وڏا وڏا واعدا ڪندا آهن پر جڏهن اقتدار حاصل ٿي ويندو آهي ته پوءِ هو اقتدار جي نشي ۾ اهڙا ته ڌُتِ ٿي ويندا آهن جو غريب عوام سان ڪيل واعدا وساري ويهن ٿا، مهانگائي وڌي وڃڻ ڪري غريب عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته چوريون ۽ ڦرون عام ٿي ويون آهن، هنن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ جي واحد اُها ئي پارٽي آهي جيڪا ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪري پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻي سگهي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ملڪ مان فوري طور تي ختم ڪري سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون ڏنيون وڃن.
