ڄامشورو ۾ ڀوتارڪي سياست جو سج لهڻ وارو آهي:ڊاڪٽر سڪندر شورو

ڄامشورو(ڊ ر)اسان جي جنگ ڀوتار ڪلچر سان آهي  اڄوڪي ڪارنر جلسي ڀوتارڪي ڪلچر مان بيزاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي, جلد ئي 40 سالا ڀوتارڪي سياست جو سج لهڻ وارو آهي/ ڊاڪٽر سڪندر شوروڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 جي اميدوار لالا صمد خان پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو ته پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت سان ڳالهيون هليون هيون پر اسان پنهنجن سمورن ساٿين کي گڏ کڻي هلنداسين ڳالهين جي ٽيبل تي ويهڻ جهموريت جو حُسن آهي اسان هن ضلعي مان ڀوتارڪي ڪلچر جي خلاف آهيون ڀوتارڪي ڪلچر سان جنگ جوٽي ڇڏي آهي جيڪا ڀوتارڪي سياست 40 سالا ڪاري دور جي پڄاڻي تائين جاري رهندي اڄوڪي ڪارنر جلسي ۾ شريڪ ماڻهن ڀورتاڪي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي هر هنڌ ماڻهن زبردست موٽ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته عوام ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن کي ڪاميابي ڏياريندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں