ڏوڪريءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

ڏوڪري(رپورٽ: ظفر امداد ٻگهيو) ڏوڪريءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان اٽي جي مهانگائيءَ خلاف مرڪزي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ هيٺ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائينس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ گلاب پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران گڏيل طور ڏوڪري شهر ۾ ناڪي کان ڪامريڊ سوڀو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي، گلاب پيرزادي، عاجز ماڇي ۽ ٻين چيو ته سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران آهي پر اٽي جو هڪ ڪلو 60 روپين جي بجاءِ 150 کان 200 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اٽو خريد ڪرڻ غريب مسڪين ماڻهن جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته اٽو ۽ ٻين خوراڪ جي مختلف شين سميت انساني ضرورت جي سمورين شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن، جڏهن ته پئٽرول، ڊيزل ۽ گیس جون قيمتون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو غریب ماڻھو جي استعمال ڪرڻ جي وس ۾ ناهن. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبن ۾ سياسي پارٽين جون حڪومتون هجڻ جي باوجود  جٿي ڪٿي مافيائن جو راڄ آهي ۽ ملڪ ۾ جج، جرنل، سول افيسر شاهي ، سيٺ، سرمائيدار ، وڏيرا ۽ جاگيردار ملڪ جي مالي ذريعن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن جنهن ڪارڻ عوام ڪنگال ٿي رهيو آهي ۽ ٻن ويلن تي به پيٽ ڀري کاڌو کائي نٿو سگهي. احتجاج ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته حڪمرانن جي خلاف عوام اٿي کڙو ٿئي کين عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي مجبور ڪري پر جيڪڏهن عوام احتجاج لاءِ روڊن تي نه نڪتو ته حڪمران کين سندن وسيلن کان محروم ڪري ڇڏيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں