گهوٽڪي؛پرائمري اسڪول جي سالياني انسپيڪشن،هوشيار شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ رئيس منظور احمد ساوند ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول منظور احمد ساوند جي سالياني انسپيڪشن ۽ شاگردن جي ٽيسٽ استاد عبدالغني مهر، استاد فيض محمد وسير، استاد شهمير احمد لٻاڻو، ورتي، ٽيسٽ دوران ڪي جي کان پنجين ڪلاس تائين جي شاگردن کان مختلف نوعيت جا سوال پڻ پڇيا ويا ۽ انهن کان لکت ۾ پڻ ٽيسٽ ورتي وئي، سالياني انسپيڪشن دوران اسڪول جي مسئلن کي پڻ نوٽ ڪري اعلى اختيارين کي پڻ لکيو ويو، ان موقعي تي استاد عبدالغني مهر جو چوڻ هو ته اسڪول جي هيڊماستر استاد شاهه بخش ساوند، ۽ استاد ربنواز ملڪ جون ۽ ٻئي اسٽاف جون محنتون آھن جو سهولتن جي کوٽ هوندي به هنن علائقي ۾ مثالي اسڪول قائم ڪيو آھي هنن چيو ته استادن جي محنت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ننڍي اسڪول ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں