اسان جي هڪ هٿ ۾ ايٽمي طاقت ۽  ٻئي هٿ ۾ ڪستو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب رياستن کان قرض وٺڻ جو فيصلو بلڪل آخري وقت ۾ ٿيو. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروسز جي پرو بيشنري آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته انهن آفيسرن کي سڃاڻان ٿو جن پاڪستان لاءِ محنت سان ڪم ڪيو پر ڪجهه آفيسرن کي بي بنياد الزامن تي سندن خاندان آڏو شرمسار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو هو ته قرض نه گهرنداسين پر اسان آءِ ايم ايف معاملن ۾ ڦاٿل آهيون، يو اي ايِ جو صدر انتهائي محبت سان پيش آيو جنهن تي سندس آڏو دل کولي رکي ڇڏي ۽  آخري وقت ۾ کائنس قرض وٺڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعطم چيو ته گڏيل عرب رياستن جي صدر کي چيو ته اوهان پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر قرض ڏنو آهي، مهرباني ڪري وڌيڪ ٻه ارب ڊالر قرض ڏيو. هن چيو ته يو اي ايِ جي صدر کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو نائون جائزو مڪمل ناهي ٿيو، عالمي مالياتي اداري جا شرط آهن ته بجلي جا اگهه وڌايو، غريب ماڻهو تي ڪيترو ٻوجهه وجهون. شهباز شريف چيو ته يو اي ايِ جي صدر مون کي چيو ته شهباز شريف اوهان منهنجا ڀاءَ آهيو، اوهان کي ڪيئن انڪار ڪندس. هن چيو ته يو اي ايِ جي صدر کي ون ٽو ون ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان جو مثال اهڙو آهي جو اسان جي هڪ هٿ ۾ ايٽمي طاقت آهي ۽ ٻئي هڪ ڪستو، جنهن گڏيل عرب رياستن جي صدر چيو ته اوهان صحيح پيا چئو پر مون اِهو خوشي سان ڪيو. وزيراعظم چيو ته يو اي ايِ جي صدر واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اڳتي وڌڻ جي حوالي سان ڪجهه تجويزون پيش ڪيون، هن چيو ته گڏيل عرب رياستون پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں