جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران مرڪزي ڪال تي اٽي سميت کاڌ خوراڪ جي شين ۾ رڪارڊ واڌ ڪرڻ واري عمل خلاف ضلعي صدر سعيد احمد بروهي، ،معشوق مندراڻي،نور محمد منجهو، عبدالسميع سومرو، محمد سليم بروهي حيدري ڪيهر نثار ٽانوري، بابل ڪوريجو، عمران ابڙو،نظير لاشاري، رياض لاشاري، نگار بروهي محمد علي ڪربلائي چاچو ممتاز لاشاري شاهزيب عرف ٽائيگر بابا شاھ زيب ڪوريجو، سميت عورتن جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن ٻڊل خان منجهو شھزاد سومرو ظفر جکراڻي سمير سومرو ارشد اعواڻ جاويد ويسر سميت شهري وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، مظاهرين شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي شھر جي مک شاهراه ڊپٽي ڪمشنر جي گيٽ اڳيان پهتي جتي مظاهرين ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا مظاهرين شهر ۾ مارچ ڪري مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو پهتا جتي مڇريل ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. انهي موقعي تي گڏ ٿيل ميڙ کي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر مهنگائي ماڻهن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي روز مره ۽ کاڌي پيتي جي شين جا هٿرادو ريٽ وڌائي هتان جي روز ڏهاڙي ڌار مزدورن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ان سان گڏ اٽو روز نئون اگه مقرر مهانگو ٿيڻ ڪري ماڻهو ماني جي ڳڀي کان به محروم ٿي ويا آهن مهنگائي سبب رهزني جي وارداتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي آخر ۾ اڳواڻن گورنمينٽ کان مطالبو ڪيو ته اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ سستائي ڪري غريب عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هتان جي نااهل انتظاميه انهن ڪرپٽ منافعه خور مافيه جي خلاف افسوس ڪوبه تحرڪ ڪانه پئي وٺي اڳواڻن وڌيڪ اهو به چيو ته جيڪڏهن هتان جي انتظاميه انهن مافيائن جي خلاف جلد کان جلد ڪاروائي نه ڪئي ته ان کان به وڌيڪ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
