جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ضد ڪري بيٺي آهي ته مڪاني چونڊون اڄ ئي ڪرائينداسين: سنڌ سرڪار

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي سڌ سماءُ واري شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ناهي ڪيو،  جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ضد ڏيون بيٺي آهي ته مڪاني چونڊون هر حال ۾ 15 جنوري تي ئي ڪرائڻيون آهن ته سنڌ سرڪار اليڪشن ڪرائيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ حڪومت جي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري درخواست رد ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ان ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪي شيون آهن جن کي سمجهڻ جي ضرروت آهي. هن چيو ته الڪيشن ڪميشن صوبائي سرڪار کي سيڪيورٽي لاءِ چيو ته اسان گهرو وزارت ڏانهن لکيل پهرين خط جي متن ۾ ڄاڻايو ته سيڪيورٽي لاءِ فوج گهربل آهي پر گهرو وزارت اسان جي درخواست تي سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.صوبائي وزير چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکيو جنهن ۾ چيو ته دهشتگرد تنظيمن طرفان سياسي پارٽين کي ٿريٽ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جو به مسئلو آهي. هن چيوته پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين کي ٽي ٽي پي جا  ٿريٽ الرٽ جاري ٿيا. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ انساني زندگي اهم آهي، اليڪشن ڪيمشن اسان جي ٻئي خط جي جواب ۾ ڇا لکيو آهي اِهو ڏسي پوءِ جواب ڏيندس. هن چيو اسان اليڪشن ڪميشن جي فيصلن جا پابند آهيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته ڪنهن به قسم جي صورتحال ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻيون آهن ته اسان ڪرائينداسين. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن لاءِ سدائين تيار هئي، اليڪشن ڪميشن جي لکت ۾ موقف اچڻ کانپوءِ  پنهنجو ردعمل ڏينداسين. آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته جيستائين مون قانون پڙهيو آهي، ان موجب آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ به هڪ طريقيڪار هوندو آهي، ڪو منطق هوندو آهي، ائين ناهي ته صدر يا گورنر وٽ اختيار آهي ته آرڊيننس جاري ڪري ٿي ويندو. ايم ڪيو ايم جي خدشن جي حوالي سان سڌ سماءُ واري وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي خدشا هئا پ پ ان تي عمل ڪيو ته آهي، اسان ڪيو ايم کي تڪبندين بابت خدشا هئا ۽ سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چڪي آهي، اسان ڪنهن سان به ڪا غلط بياني ناهي ڪئي، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسان جيڪو ڪري سگهياسين اُهو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں