ڪراچي (بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد مان ميئر پ پ جو هوندو، خواهش آهي ته ڪراچي جو ميئر به اسان جو هجي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ گهڻي وقت کان مڪاني چونڊن جي انتظار ۾ هئي، اسان چاهيو پئي ته مڪاني چونڊون ٿين پر ڪورونا ۽ ٻوڏ سبب دير ٿي. هن چيو ته ڪراچي جي هر يونين ڪائونسل مان جيالو اميدوار بيهاريو ويو آهي، عوام کي درخواست آهي ته وڏي انگ ۾ نڪري پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪري، 15 جنوري چونڊن جو ڏينهن آهي، سڀ پنهنجي گهرن مان نڪرن ۽ ووٽ جو حق استعمال ڪن. سندس چوڻ هو ته اسان ايم ڪيو ايم کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سمجهائيندا رهياسين پر ناڪام رهياسين، ايم ڪيو ايم کي درخواست آهي ته اها مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان اتحادين جا خدشا ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي سين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ سڀني جماعتن سان گڏجي ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين، چاهيون ٿا ته هاڻوڪو مڪاني نظام ئي رهي ته جيئن سڀ گڏجي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهون.
