حيدرآباد ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف مختلف ڌرين جي احتجاجي ريلي

حيدرآباد (پ_ر) حڪمرانن طرفان اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري 170 رپيه في ڪلو کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ طرفان حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ريلي جي اڳواڻي ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمرا سمون، سرمد راڄپر، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ جاويد راڄپر، دريا خان چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ اسلم پرويز، شير چانڊيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي سامراجي مالياتي ادارن جي نمائندنگي ڪندڙ ملڪ جي ڪرپٽ حڪمرانن هٿ وٺي سڄي ملڪ ۾ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي. في ڪلو اٽو 170 کان 200 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. غريب پورهيتن مسڪين هارين ۽ مزدورن جي ٻچن کان هڪ ويلو ماني جو به ظالم حڪمرانن کسي ورتو آهي. ملڪ جي حڪمرانن ڪرسي خاطر سڄي ملڪ کي عالمي سامراجي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. جن جي فرمائش تي اٽو، تيل، گئس، بجلي سميت روز مره جي شئين کي مهانگو ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته زرعي ملڪ هجڻ ۽ تمام گهڻي ڪڻڪ پيدا ڪرڻ باوجود اٽي جي اگهه کي آسمان تي پهچايو ويو آهي، غريب ۽ مسڪين ماڻهون هڪ ڪلو اٽو خريد نٿا ڪري سگهن. پنج ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ ماڻهن کي قطارن ۾ لڳايو وڃي ٿو، ميرپور خاص ۾ ستن نياڻين جو پيءُ هرسنگ ڪولهي اٽي جي حاصلات لاءِ چيڀاٽجي مارجي ويو، ان جي قتل جو ڪيس اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ حڪمرانن تي داخل ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن اٽي، لٽي ۽ اجهي جا ڪوڙا نعارا هڻي، پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي ورتو آهي. حڪمران اٽي جي کوٽ پيدا ڪري ملڪ جي ماڻهن کي بکن وگهي مارڻ چاهين ٿا. حڪمرانن جي اهڙي انسان دشمن عمل تي ملڪ جي اعلي عدالتن جو خاموش رهڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ اعلي عدالتون هجڻ جي باجود عام عوام سان ظلم ۽ بربريت آهي. اڳواڻن چيو ته اٽي جي کوٽ پيدا ڪندڙ ڏوهارين خلاف ملڪ جي اعلى عدالت پاڻ مرادو نوٽس وٺي ۽ ملڪ جي ڪروڙين غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بک وگهي مرڻ کان بچائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں