دادو ۾ مبينه چوري الزام هيٺ 3 معصوم ڀينرون گرفتار

دادو(ڊر)  دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي سامهون اليڪٽرانڪ جي دوڪان مان مبينا چوري جي الزام ۾ 3 معصوم ڀينرون   گرفتار، نصير آباد واسي 12 سالن جي سيما، 8 سالن رمشا، 6 سالن نظيران  ڌيء وسيم جعفري کي اي سيڪشن ٿاڻي تي رکيو ويو 3 ئي معصوم ڇوڪريون امام علي شاهاڻي جي دوڪان ۾ داخل ٿي چوري ڪري رهيون هيون ته کين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي، معصوم نينگرين ٻڌايو ته اسان بيگناھ آهيون بنا سبب جي پڪڙيو ويو آهي ، معصوم ڀينرون اي سيڪشن ٿاڻي ۾ زارو قطار روئنديون رهيون  تلاشي دوران 3 ڀينرن وٽان ڪا به شيء هٿ نه آئي جڏھن ته گرفتار نينگرين جا وارث پوليس ٿاڻي تي آخري اطلاع تائين نه پھتا آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں