دادو(ڊ ر ) گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي گڏيل اتحاد طرفان ٻئي مرحلي ۾ پنهنجن جائز حقن جي حاصلات لاء ڪيل اعلان تي ڇهين ڏينهن به سول اسپتال دادو ۽ ضلع دادو جي سمورين اسپتالن ۾ ڪندڙ عملي طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 2 ڪلاڪ OPD بند ڪري فيميل او پي ڊي آڏو ٽوڪن هڙتال ڪندي گرينڊ هيلٿ الائينس ضلع دادو جي اڳواڻن راجه رفيق پنهور، نثار احمد لاشاري، امان الله پنهور، محمد آچر پنهور، صداقت علي سومرو، امتياز احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته هيلٿ ۾ ڪندڙ ملازمن جي جائز مسئلن کي سنڌ حڪومت حل ڪرڻ ۾ ڪڏهن سنجيدگي نه ڏيکاري آهي هن وقت تائين صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو هڪ به مسئلو حل نه ٿيو آهي اڳواڻن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان جا جائز مسئلا رسڪ الائونس، هيلٿ پروفيشنل الائونس سپورٽنگ اسٽاف جي ٽائيم اسڪيل، پئراميڊيڪل جو سروس اسٽڪچر، نرسنگ اسٽاف جي پروموشن سميت گرينڊ هيلٿ الائينس طرفان پيش ڪيل مطالبا فوري طور حل ڪيا وڃن.
