صادق لاکو
سنڌو سڀيتا جي مهڪندڙ مٽيءَ مان انيڪ ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي مٽيءَ سان نه رڳو پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي پر وقت اچڻ تي قوم لاءِ پنهنجا پير پٿون ڪندي، جيلن جون سختيون سهندي، ڪوڙا کائيندي، ڦاهيءَ جي گهاٽن کي چُمندي کلندي ڪنڌ به ڪپائي ڇڏيا، اهڙا ڪردار تاريخ جا لازوال ڪردار هوندا آهن، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي وڃن ٿا ۽ اهي انساني تاريخ جي جدوجهد جي راهه ۾ راهه مشعل بڻجي ويندا آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي مهڪندڙ عقل ۽ عشق واري مٽيءَ مان جنميل سائين جي ايم سيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، حيدر بخش جتوئي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو، شهيد بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر کان ويندي ٻيا اهڙا انيڪ سياسي ڪردار ملندا جن سياست جي اتهاس ۾ لازوال تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اڄ جي سياست انهن ڪردارن جي سوچ ۽ نظريي سان ڳنڍيل نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو سياست ۾ وڏو متحرڪ حصو رهيو آهي، هاري تحريڪ سنڌ جي سياست جي ڪايا پليندڙ تاريخي تحريڪ رهي آهي، سائين جي ايم سيد کان ويندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ ۾ روح ڦوڪيو ۽ هيءَ تحريڪ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ هاري حقدار جي نعري سان عوامي مزاحمتي تحريڪ بڻجي اڀري، جنهن ايوانن کي لوڏيندي جاگيردارن جون پاڙون پٽي ڇڏيون هيون. هيءُ اهو زمانو آهي، جڏهن هن خطي ۾ جاگيردار طبقو ئي سياست توڙي ملڪيت ۽ حق حاڪميت تي قابض بڻيل هو. ان زماني کان به اڃا اڳ سنڌ ۾ عوامي انقلابي، قومي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ سياسي ماڻهن سنڌ جي هارين جي بدتر حالتن کي بدلائڻ لاءِ هڪ زبردست جدوجهد جو آغاز ڪيو هو. سڀ کان پهريان گڏيل هندستان جي زماني ۾ 1930ع ۾ ڪامريڊ عبدالقادر، ڄيٺمل پرسرام، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پرنسپال گوڪلي، پارسي جمشيد مهتا نسروانجي ۽ سائين جي ايم سيد گڏجي هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو، سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ هاري ڪاميٽيءَ جي جدوجھدن جي شاندار تاريخ رهي آهي، هاري ڪاميٽيءَ جي جدوجهد سنڌ جي عظيم شهيد صوفي بزرگ صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو تسلسل آهي، جنهن سڀ کان پهريان “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو بلند ڪيو ۽ زبردست ان تحريڪ کي هلائي جدوجهد جي ساٿين سان گڏ سر قربان ڪري تاريخ ۾ امر ڪردار بڻجي ويو، هاري ڪاميٽيءَ سنڌ ۾ “هاري حقدار” جو نعرو هڻي سنڌ ۾ هاري ۽ پورهيت جدوجهد جا نوان گس ۽ لاڙا ڏنا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زماني ۾ نوابشاهه سنڌ جي دل سياسي طور تي تمام سرگرم علائقو رهيو. سڪرنڊ ۽ سن عوامي، قومي ۽ جمهوري سياست جا مرڪز رهيا. ان زماني ۾ ضلعي نوابشاهه تعلقي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي جهوني هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي 10 جولاءِ 1935ع ڌاري سڪرنڊ ۽ قاضي احمد جي وچ تي واقع ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي ۾ بزرگ هستي سخي جمع خان خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. اڃا ٻاروتڻ ۾ ئي هو ته ڪامريڊ جي امڙ حوا به راهه رباني ٿي وئي. امڙ جي وڇوڙي بعد ڪامريڊ جي پرورش ۽ تربيت سندس والد ڪئي. وقت جو وهڪرو وهندي جڏهن ڪامريڊ جواني ۾ پير پاتو ته پاڻ سياسي ماڻهن جي صحبت ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو وڏو هجڻ سان گڏ علائقي جي راڄن جا فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکڻ سبب سياسي سوچ ئي کيس سياست ۾ کڻي وئي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي سڀ کان پهريان سياست جو آغاز ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏ هاري تحريڪ کان شروع ڪيو. ان بعد ضلعي نوابشاهه ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ايڊووڪيٽ رشيد احمد، ڪامريڊ خادم چانڊيو، ڪامريڊ سارنگ انڙ، ڪامريڊ ڀائي خان انڙ، ڪامريڊ عبداش پنهور، ڪامريڊ تماچي سميت ٻين اهڙن انيڪ ڪردارن هارين جي تحريڪ کي تيز ڪيو. ان زماني ۾ پارلياماني سياست ۾ نوابشاهه ضلعي اندر اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، سائين امداد محمد شاهه، حاڪم علي زرداري، سيد شبير احمد شاهه، الحاج رسول انڙ سميت ٻيا اهڙا ڪيئي سياسي ڪردار هئا. جن نوابشاهه جي سياست کي ملڪي سياسي هلچل ۾ سرفهرست بيهاري ڇڏيو. ملڪي تاريخ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته ان وقت اولهه پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ زبردست عوامي مقبوليت سان اڀري آيون. شهيد ڀٽو ۽ شيخ مجيب جو سياسي اثر ملڪي سياست تي ڇانيل رهيو. ان زماني ۾ نوابشاهه ۾ سائين جي ايم سيد جو فرزند سائين امداد محمد شاهه شيخ مجيب جو سرگرم عوامي ليگ جو اڳواڻ هو ۽ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب الرحمان ۽ سائين امداد محمد شاهه جو ويجهو سياسي ساٿي هو، جنهن 1970ع ۾ سائين امداد محمد شاهه سان گڏجي شيخ مجيب الرحمان جي اليڪشن مهم زبردست طريقي سان هلائي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان نوابشاهه ۾ اليڪشن مهم تي آيو هو ته ان گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پڻ شامل هو. جنهن اليڪشن مهم ۽ سياسي صورتحال بابت شيخ مجيب کي آگاهي ڏني هئي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب الرحمان، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏجي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ عوامي ۽ جمهوري واٽ وٺندي سياسي، آئيني ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. نوابشاهه ۾ هارين جا مسئلا ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ٿاڻن کان عدالتن تائين کڻي ويندو هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڃي وڏي واڪي هارين سان زميندارن جي ظلم جي ڳالهه ڪري کين قائل ڪندو هو ته خدارا پنهنجي هارين سان انصاف ڪيو. اهڙيون سچيون ۽ ڪڙيون ڳالهيون ڪامورن کي تکيون ضرور لڳنديون هيون پر ڪامريڊ جي انداز ۽ سچ چوڻ جي جرئت انهن جي ضميرن کي جنجهوڙيندي انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. ڪامريڊ محمد رمضان سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سائين امداد محمد شاهه سندس زندگي جا تمام ويجها سياسي دوست ۽ اڳواڻ هئا. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي دلير هاري اڳواڻ هوندو هو. جنهن ڪڏهن به جاگيردارن ۽ وڏيرن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، سدائين انهن سان مهاڏو اٽڪايو، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي واري اوطاق توڙي سڪرنڊ واري رهائشگاهه تي ڪامريڊ آڌي مانڌي پيا ايندا ويندا هئا، اسان پاڻ ڪامريڊ وٽ ويندا هئاسين ته ڪامريڊ ڪڏهن به آڌي رات کٽ هنڌ بسترو ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ تيار ٿيل جيڪا به دال ماني هوندي هئي اڳيان اچي رکندو هو. اهڙا هئا اهي سچا ۽ کرا ماڻهو. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي زندگي جا آخري ٻه ڏهاڪا هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ گذاريا ۽ حيدرآباد کي پنهنجو مستقل گهر بڻائي ڇڏيو. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي 15 جنوري 2022ع تي 88 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي سنڌ ۽ سنڌ واسين کان هميشه لئه وڇڙي ويو. ساهه جي آخري گهڙين تائين به سنڌ جي هارين جي حقن جو ذڪر سندس زبان تي هو. اڄ 15 جنوري 2023ع تي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ورسيءَ جي پهرين ورسي آهي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي اسان سڀني کان جسماني طور تي جدا ضرور ٿيو آهي پر سندس جدوجهد ۽ ڪردار تاريخ ۾ صدين تائين زندهه رهندي.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي. (شيخ اياز)
