سڳيون جي ماڊل اسڪول ۾ شاگردن کان مڊٽرم ورتو ويو

سوڀوديرو(رپورٽ: حق نواز سولنگي) سڳيون جي نالي اواري تعليمي اداري الحسنين مسلم ماڊل اسڪول ۾ اسڪول جي سينيئر استادن اسڪول جي اونر استاد بخت علي سھتو، استاد عبدالحميد جراح، استاد مدد علي سهتو، استاد اسد علي حطار، استاد احتشام علي عباسي ۽ ٻين استادن پاران الحسنين مسلم ماڊل اسڪول سڳيون جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان مڊٽرم ورتو ويو جنهن ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي لاءِ هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڊل ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا پوزيشن کڻندڙن ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد نواز علي شاهه پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ستين ڪلاس جو شاگرد ريحان علي ھيسباڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ڇهين ڪلاس جي شاگرد قاسم رضا قاضي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي چوٿين ڪلاس جي شاگرد ياور مهدي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي پنجين ڪلاس جي شاگرد غلام مصطفي سهتو پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته بختاور شاهين سهتو، نور فاطمہ هرياھ، ميثم مهدي ڀاڳت ،محمد طلحہ هرياھ، محسن علي چنو ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين پوزيشن کڻي انعام حاصل ڪيا هن تقريب جا مهمان خاص نيشنل پريس ڪلب سڳيون جو صدر گلاب علي سيال ،سينيئرصحافي فدا عباسي ،مظهر علي منڱڻيجو هئا ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب سڳيون جي صحافين سان ڳالهائيندي الحسنين مسلم ماڊل اسڪول جي اونر استاد بخت علي سھتو چيو ته اسان جي اسڪول ۾ غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ غريب 30 پرسنٽ ٻارڙن کي مفت فري تعليم ڏئي رهيا آهيون، ٻارن جي تعليم لاءِ اسين ٻهراڙيء جي ماحول ۾ انگلش، ميڊيم ۾ پڙهائي ۽ سنڌي سبجيڪٽ تي سختي سان محنت ڪئي ويندي آهي پٺتي پيل ٻارن کي جدا توجهه ڏئي ان کي هوشيار بڻائڻ لاءِ سائنسي پراجيڪٽ سان گڏ ڇهين، ستين ۽ اٺين درجي تائين پريڪٽيڪل ڪرايا وڃن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں