لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي خانگي تعليمي اداري اسٽيپ فائونڊيشن اسڪول طرفان امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي انعام ڏيڻ ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻُ شاهده پروين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قوم جي ترقي تعليم سان آهي، ڪنهن به سوسائٽي جي تعميري تبديلي تعليم پهريون قدم هوندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪجھ سوسائٽين اندر چوڪرين جي ايجوڪيشن تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، پر عورت پڙهندي ڄڻ سڄو سماج پڙهيو. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپل ميڊم شمع ميراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر کي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته اي سي شاهده پروين اسڪول جي ٻارن ۾ رزلٽ ۽ انعام ورهايا، جڏهن ته تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن سنڌي ثقافتي ويس وڳا پائي خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي، مور ٿو ٽلي راڻا سميت ٻين لوڪ گيتن تي مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا. ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن اسڪول جي پرنسپل ميڊم شمع ميراڻي چيو ته اسڪول ۾ نصابي سرگرمين کان علاوه غير نصابي سرگرميون ڪرڻ سان ٻارن ۾ صحتمند تبديلي اچي ٿي، جنهن سان بهترين سوچ جنم وٺي ٿي. تقريب ۾ گورنمينٽ پائلٽ اسڪول جي پرنسپل الھ بخش سومرو، سينئر صحافي سيد جاويد شاھ سميت ٻين استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
