لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) رتوديرو پوليس هٿان هڪ ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل باڊهه جي ڳوٺ انب پور واسي پورهيت عبدالرحيم جهتيال جي وارثن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت جي پيرسن پيءُ برڪت علي جهتيال پنهنجي گهر واري زرينه، ننهن ريحانه، ڌيئرن نظران، گلشاد، حميره ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 12 ڏينهن اڳ باڊهه ٿاڻي جي پوليس منهنجي پٽ عبدالرحيم جهتيال کي بيگناهه گرفتار ڪيو جيڪو چنگچي هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او باڊهه گلزار ٻرڙو پٽ جي آزاديءَ لاءِ 2 لک روپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تان کيس گم ڪرڻ بعد پٽ کي رتوديرو پوليس حوالي ڪيو ويو جتي گذريل رات رتوديرو پوليس پٽ کي بيگناهه ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ان مٿان 5 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪري باڊهه ۽ رتوديرو پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں