ملير ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ.ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن خير محمد مگسي، عاشق ٿهيم، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، راڻو زهراڻي، اختيار سومرو، صدا بليدي جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهرين جي هٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف نعريٰ درج هئا، ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران اٽي جي مهانگي اگهه خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي،مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوام دشمن حڪمرانن سنڌ جي غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي سنڌ ۾ مهانگي اگهه 160 روپيا في ڪلو ملي رهيو آهي جنهن سبب مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي، حڪومت جي وزيرن ۽ فلور مل جي مالڪن جي گٽ جوڙ سبب سنڌ ڌرتي جي ڌڻي 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ ڊگهين قطارن ۾ زليل ٿي رهيا آهن، سستي اٽي جي آڙ ۾ غريب سنڌين مٿان لٺ بازي ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي سخت احتجاج ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں