ميرپورخاص(بيورورپورٽ) اٽي جي اگھن ۾ اظافو ء مھنگائي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي اڳواڻن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن رمضان دل، حيدر لغاري، ضامن علي ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ حڪمرانن جي نااهلي ۽ غلط پاليسين سبب مھنگائي عروج تي پھتل آھي ھنن چيو ته دنيا م ڪڻڪ جي پئداوار جي حوالي سان 07 نمبر ملڪ ھجڻ باوجود ھتي اٽو اڻلڀ آھي منافع خورن ء انتظامي غفلت سبب اٽو 150 روپيا ڪلو وڪامي رھيو آھي جنھن ڪري غريب مزدور طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهي ھنن چيو ته اھڙي حالتن ۾ عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن ھنن چيو ته زرعي ملڪ جا غريب ماڻهو 02 ويلا ماني لاء پريشان بڻيل آهن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور اٽي جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪري مھانگائي تي ضابطو آڻي عام ماڻهن کي جيئن جو حق ڏنو وڃي
