نوابشاهه ۾ رهواسين جو اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي مختلف علائقن جي رھواسي مردن ۽ عورتن پاران اٽي جي ھٿرادو کوٽ ۽ مھانگو اٽو ملڻ خلاف مسمات شريفان، مسمات سدوري، مسمات شاھدان، مسمات مھناز، رمضان قريشي، گل حسن، گجو، ذوالفقار جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي QA۾ شيراز چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرين عورتن ۽ مردن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اٽو 150 روپيا في ڪلو مهانگو ڪري غريب عوام جي وات مان ماني جو گرهه کسي ورتو آهي هنن چيو ته اسان پ پ جا ووٽر آهيون پ پ جو منشور آهي ته عوام کي اٽو لجهو ۽ مڪان ڏيڻ پر هنن اهو ته پورو نه ڪيو پر هاڻ اسان غريبن کي ٻن ويلن جي ماني کائڻ به مشڪل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته ضلعي انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته نوابشاهه شهر ۾ شهرين لاءِ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن اسان صبح جو سوير ٻچن سميت بنا ناشتي جي بُک ۽ اُڃ تي سستي اٽي جي تلاش ۾ نڪتا آهيون هن مهل تائين هڪڙو به سستي اٽي جو اسٽال ڏسڻ نه آيو آهي، هنن چيو ته اسان پورهيت ماڻهو آهيون سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون پر هاڻ ته انهي مزدوري مان به اسان پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿا کارائي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اٽو سستو ڪري اسان کي بُک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں