هنڱورجا(ن س)جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري زري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف هنڱورجا ۾ جسقم جي اڳواڻ مجيب ڀيلار قلب عباس سولنگي نادر ڀيلار زبير سهتو فرحان منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي مسڪين ماروئڙا اٽي لپ لاء پريشان آهن هنن چيو ته شناختي ڪارڊ کان سواء آدمشماري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي
