ٽنڊو آدم ۾ 5 هين سنڌ ڪاليجز گيمز لاءِ ٽرائلز ورتا ويا

ٽنڊو آدم ( ن س )  5 هين سنڌ ڪاليج گيمز لاءِ ضلعي سانگهڙ جي ٽيمن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٽنڊو آدم گورنمينٽ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ۾ ٽرائلز 12 جنوري کان 14 جنوري تائين ورتا ويا جن دوران ضلعي جي مختلف 10 ٽيمن لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چونڊيو ويو. ان سلسلي ۾ اڄ ٽنڊو آدم ڪاليج ۾ پچاڻي واري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سياسي اڳواڻ ملڪ ذوالفقار علي روشن، نامور ليکڪ پروفيسر نواز ڪنڀر، پروفيسر فرح ناز بانو، پرنسپل پروفیسر مبين وساڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته فوڪل پرسن حصال مريم، صاديه امين، محمد اديب عالم، شهباز باجوه، عبدالرحمان کوکر، شڪيلا بلوچ، ڪائنات، زوهيب حسن، عبدالرحيم راجپوت ۽ ٻين مختلف 10 راندين ڪرڪيٽ، فٽبال، والي بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، باسڪيٽ بال، مني ميراٿين ۽ ٻين راندين لاءِ ٽيمن جي چونڊ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري ڪاليجز، ڊي جي ڪاليجز ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظير آباد پروفيسر شاهده ابڙو جي خاص هدايتن تي ضلعي سانگهڙ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ٽرائلز ورتا ويا آهن جيڪي سنڌ ڪاليجز گيمز ۾ حصو وٺندا هنن چيو ته سيد سردار علي شاهه جي ان قدم سان ضلعي جي ڪاليجز ۾ غير نصابي سرگرمين کي هٿي ملي آهي ۽ اميد ته ضلعو سانگهڙ سنڌ ڪاليجز گيمز ۾ نمايان رهندو. هنن چيو ته صحتمند معاشري لاء رانديون ضروري آھن ۽ جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن اتي اسپتالون ويران هونديون آهن هنن چيو ته سنڌ ڪاليجز گيمز لاءِ نياڻين جي شرڪت پڻ هڪ مثبت قدم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں