واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي سونهن راڻي ڪائنات جي خوبصورت حسينا جو اعزاز ماڻي ورتو، آربوني گيبريل خوبصورت حسينا ( مس يونيورس ) جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.آمريڪا جي شهر نيو اورلينز ۾ 71 هين مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 84 عورتن شرڪت ڪئي ۽ مس آمريڪا جو اعزاز حاصل ڪندڙ آربوني گيبريل هاڻي مس يونيورس جو تاج پڻ پنهنجي سِر تي سجائي ورتو آهي .هن سال پهريون دفعو شادي شده ۽ ماءُ بڻجندڙ عورتن کي به مس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي. 28 ورهين جي آرگوني گيبريل پهرين فلپائني ڄائي آمريڪي عورت آهي، جنهن مس يونيورس جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
