برادري جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس: نثار احمد لاکو

قمبر(ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ رب رکيو لاکو ۾ لاکا برادري جي نيڪ مرد سرائي نثار احمد لاکو کي برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي پڳ جو پهريون ورُ برادري جي معزز شخصيت سرائي عبدالجبار لاکو،ڊاڪٽر عبدالرزاق لاکو،يوسي چيئرمين سرائي عنايت الله لاکو،سرائي مختيار لاکو ۽ ڊاڪٽر اعجاز علي لاکو ڏني ان موقعي تي پڳدار سرائي نثار احمد لاکو چيو ته اسان جي خاندان هميشه برادري جي بي لوث خدمت ڪئي آهي آءُ به برادري جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس برادري ۾ ڪمي ڪوتاهين ختم ڪري ٻڌي ايڪي سان گڏجي خدمت ڪندس هميشه انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿي پنهنجي وڏرن جي نقش قدم تي هلندس تقريب ۾ الطاف حسين ڪمالاڻي،ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي،غلام فريد لاکو،سرائي سڌير احمد،زاهد حسين لاکو،محمد يونس لاکو،شير محمد لاکو،منظور علي،آصف حسين لاکو،محمد يونس لاکو،عبدالقيوم لاکو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں